اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) هاڪي فيڊريشن عمان ۾ منعقد مينز ايشين هاڪي جي 5 ايس چيمپئن شپ 2026ع ۾ شاندار ڪارڪردگي تي قومي ٽيم کي مبارڪ پيش ڪئي آهي، جتي ٽيم سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ ايف آءِ ايڇ هاڪي جي 5 ايس ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. پي ايف ايف جي صدر محي الدين احمد واني تاريخي ڪاميابي تي قومي ٽيم کي مبارڪ ڏيندي چيو …
هاڪي فيڊريشن پاران عمان ۾ منعقد مينز ايشين هاڪي جي 5 ايس چيمپئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي تي قومي ٽيم کي مبارڪ

مزید خبریں
اسلام آباد- 26 جولاءِ (اي پي پي) هاڪي فيڊريشن عمان ۾ منعقد مينز ايشين هاڪي جي 5 ايس چيمپئن شپ 2026ع ۾ شاندار ڪارڪردگي تي قومي ٽيم کي مبارڪ پيش ڪئي آهي، جتي ٽيم سلور ميڊل حاصل ڪيو ۽ ايف آءِ ايڇ هاڪي جي 5 ايس ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪيو. پي ايف ايف جي صدر محي الدين احمد واني تاريخي ڪاميابي تي قومي ٽيم کي مبارڪ ڏيندي چيو ته سلور ميڊل حاصل ڪرڻ، ورلڊ ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفاءِ ڪرڻ ۽ پليئر آف دي ٽورنامنٽ جو ايوارڊ حاصل ڪرڻ پاڪستان جي هاڪي جي بحالي ۾ اهم سنگ ميل آهي. هن ان اميد جو اظهار ڪيو ته لڳاتار محنت، پيشيوراڻي ڪوچنگ ۽ لڳاتار سهڪار سان پاڪستان عالمي سطح تي وڌيڪ ڪاميابيون حاصل ڪندو رهندو. واضع رهي ته ان شاندار ڪاميابي جي نتيجي ۾ پاڪستان ايف آءِ ايڇ هاڪي 5 ايس ورلڊ ڪپ 2026ع ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي ورتي آهي جتي گرين شرٽس عالمي اسٽيج تي پاڪستان ۽ ايشيا جي نمائندگي ڪندا.











