آءِ سي سي  پاران سال 2027ع جي ورلڊ ڪپ لاءِ نئون فارميٽ متعارف، هر ميچ فيصلائتي هوندي

دبئي- 22 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سال 2027ع جي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ نئون فارميٽ متعارف ڪرايو آهي. جنهن جو مقصد ٽورنامينٽ کي وڌيڪ مقابلي وارو دلچسپ ۽ فيصلائتو بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سال 2027 ع جي ورلڊ ڪپ ۾ 14 ٽيمون شامل هونديون جن جي گڏيل ميزباني ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ڪندا. شروع ۾ سال 2019 ۽ 2023 وانگر  10 ٽيمن جي فارميٽ …

دبئي- 22 جولاءِ (اي پي پي) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) سال 2027ع جي ون ڊي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ لاءِ هڪ نئون فارميٽ متعارف ڪرايو آهي. جنهن جو مقصد ٽورنامينٽ کي وڌيڪ مقابلي وارو دلچسپ ۽ فيصلائتو بڻائڻ آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سال 2027 ع جي ورلڊ ڪپ ۾ 14 ٽيمون شامل هونديون جن جي گڏيل ميزباني ڏکڻ آفريڪا، زمبابوي ۽ نميبيا ڪندا. شروع ۾ سال 2019 ۽ 2023 وانگر  10 ٽيمن جي فارميٽ کي برقرار رکڻ تي پڻ غور ڪيو ويو هيو  پر ڪائونسل فيصلو ڪيو آهي ته نئين نظام تحت ورلڊ ڪپ جون 14 ٽيمون رهنديون. جڏهن ته  گهٽ درجه بندي رکندڙ 03 ڪواليفائيڊ ٽيمون پهريان هڪ "سپر سيريز” کيڏنديون، جنهن مان صرف هڪ ٽيم مرڪزي مرحلي ۾ جاءِ ٺاهي سگهندي، جڏهن ته 2 ٽيمون صرف 2 ميچون کيڏڻ کان پوءِ ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وينديون. آءِ سي سي موجب نئين 3 مرحلن واري فارميٽ ۾ سپر سيريز، گروپ مرحلو ۽ سپر 7 شامل هوندا، جنهن کان پوءِ سيمي فائنل ۽ فائنل کيڏيا ويندا. 60 ميچن تي ٻڌل هن ٽورنامينٽ ۾ هر مقابلي کي وڌيڪ اهميت ڏني وئي آهي ته جيئن غير اهم ميچن جو انگ گهٽ ۾ گهٽ رکيو وڃي ۽ مداحن جي دلچسپي آخر تائين برقرار رهي. جڏهن ته  سپر سيريز سبب شروعاتي مرحلي ۾ 2 ٽيمن جي جلد نڪرڻ تي تنقيد ٿي رهي آهي. پر آءِ سي سي جو خيال آهي ته نئون فارميٽ اعليٰ معيار جي ڪرڪيٽ، سخت مقابلي ۽ هر ميچ کي بامعنيٰ وارو بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. ڪائونسل جو چوڻ آهي ته هن سسٽم ذريعي ايسوسي ايٽ ملڪن کي به ورلڊ ڪپ تائين پهچڻ جو برقرار رکيو ويو آهي، جڏهن ته هر ٽيم کي ايندڙ مرحلي تائين پهچڻ لاءِ مسلسل سٺي ڪارڪردگي ڏيکارڻي پوندي. نئون فارميٽ ايسوسي ايٽ ۽ اڀرندڙ ڪرڪيٽ وارن ملڪن کي مڪمل طور ميمبرن سان مقابلو ڪرڻ ۽ پنهنجيون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو فراهم ڪري ٿو.

مزید خبریں