پاڪستان وومينز جونيئر هاڪي ٽيم 14 سالن بعد جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو

لاهور- 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان وومينز جونيئر هاڪي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 14 سالن جي ڊگهي انتظار بعد وومينز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ترجمان وقاص شيخ مطابق ايشين هاڪي فيڊريشن باضابط طورتي پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي هڪ لکيل خط ذريعي قومي ٽيم جي ڪاميابي جي تصديق ڪئي آهي . ايشين هاڪي فيڊريشن جي صدر طرفان موڪليل خط …

لاهور- 22 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان وومينز جونيئر هاڪي ٽيم شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي 14 سالن جي ڊگهي انتظار بعد وومينز جونيئر ايشيا ڪپ 2026ع لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو . پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي ترجمان وقاص شيخ مطابق ايشين هاڪي فيڊريشن باضابط طورتي پاڪستان هاڪي فيڊريشن کي هڪ لکيل خط ذريعي قومي ٽيم جي ڪاميابي جي تصديق ڪئي آهي . ايشين هاڪي فيڊريشن جي صدر طرفان موڪليل خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان وومينز جونيئر ٽيم وومينز جونيئر اي ايڇ ڪپ 2026ع ۾ شاندار راند ۽ حتمي رينڪنگ عيوض ايشيا ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪرڻ جو اعزاز حاصل ڪري ورتو آهي . هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني ان تاريخي ڪاميابي تي قومي وومينز جونيئر ٽيم ۽ مينجمينٽ کي مبارڪون ڏيندي چيو ته اها ڪاميابي پاڪستان ۾ عورتاڻي هاڪي جي ترقي ۽ بحالي طرف هڪ اهم سنگ ميل آهي . هن ان اميد جو به اظهار ڪيو ته قومي ٽيم جونيئر ايشيا ڪپ ۾ به شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي ملڪ جو نالو روشن ڪندي.