لنڊن- 21 جولاءِ (اي پي پي) وومين ٽينس ايسوسي ايشن ڊبليو ٽي اي ٽور ۾ شرڪت لاءِ سمورين عورت رانديگرن لاءِ جينياتي معائني کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 21 جولاءِ کان لاڳو ٿيندڙ نئين پاليسي تحت رانديگرياڻين جا سواب، رت يا لعاب جا نمونا ورتا ويندا ته جيئن (واءِ) ڪروموسومز جي ايس آر واءِ جينياتي مادي جو پتو لڳائي سگهجي جيڪو مرداڻيون خاصيتن جو سبب بڻجندو آهي. اها ٽيسٽ رانديگرياڻين جي زندگي ۾ …
وومين ٽينس ايسوسي ايشن ڊبليو ٽي اي ٽور ۾ شرڪت لاءِ جينياتي معائني کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو
لنڊن- 21 جولاءِ (اي پي پي) وومين ٽينس ايسوسي ايشن ڊبليو ٽي اي ٽور ۾ شرڪت لاءِ سمورين عورت رانديگرن لاءِ جينياتي معائني کي لازمي قرار ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب 21 جولاءِ کان لاڳو ٿيندڙ نئين پاليسي تحت رانديگرياڻين جا سواب، رت يا لعاب جا نمونا ورتا ويندا ته جيئن (واءِ) ڪروموسومز جي ايس آر واءِ جينياتي مادي جو پتو لڳائي سگهجي جيڪو مرداڻيون خاصيتن جو سبب بڻجندو آهي. اها ٽيسٽ رانديگرياڻين جي زندگي ۾ رڳو هڪ ڀيرو ڪئي ويندي ۽ ناڪاري اچڻ جي صورت ۾ ئي کين ٽورنامينٽ کيڏڻ جي اجازت هوندي ۽ مثبت اچڻ جي صورت ۾ سندن طبي جائزو ورتو ويندو.پاليسي تحت، رانديگرياڻين کي هڪ دستاويز تي به صحيحون ڪرڻيون پونديون جيڪڏهن اهي ٽيسٽ ڏيڻ کان انڪار ڪن ٿيون ته انهن خلاف ضابطي واري ڪارروائي ڪري سگهجي ٿي. ان کان اڳ، سال2024ع جي پاليسي ۾ ٽرانس جينڊر عورتن کي ٽيسٽو اسٽيرون جي سطح لڳاتار ٻن سالن تائين مخصوص حد کان گهٽ رکڻ تي کيڏڻ جي اجازت ڏني وئي هئي. ڊبليو ٽي اي انتظاميه موجب هن نئين پاليسي جو مقصد عورتن جي پيشيوراڻي ٽينس ۾ برابر موقعا فراهم ڪرڻ ۽ سڀني رانديگرياڻين لاءِ هڪ منصفاڻي مقابلي واري ماحول کي برقرار رکڻ آهي.












