پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو پهچي وئي

لاهور - 15 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو پهچي وئي آهي. قومي ٽيسٽ اسڪواڊ (اڄ) خميس تي آرام ڪندو، جڏهن ته ٽيم جمعي کان باقاعده پريڪٽس سيشن جي شروعات ڪندي. پي سي بي جي ترجمان موجب ويسٽ انڊيز جي دوري دوران پاڪستان ۽ ميزبان ٽيم وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. سيريز جي تياري جي سلسلي …

لاهور – 15 جولاءِ (اي پي پي)پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏڻ لاءِ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو پهچي وئي آهي. قومي ٽيسٽ اسڪواڊ (اڄ) خميس تي آرام ڪندو، جڏهن ته ٽيم جمعي کان باقاعده پريڪٽس سيشن جي شروعات ڪندي. پي سي بي جي ترجمان موجب ويسٽ انڊيز جي دوري دوران پاڪستان ۽ ميزبان ٽيم وچ ۾ ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏي ويندي. سيريز جي تياري جي سلسلي ۾ قومي ٽيم 18 کان 21 جولاءِ تائين 4 ڏينهن جي پريڪٽس ميچ به کيڏندي ته جيئن رانديگر ڪنڊيشنز سان هم آهنگ ٿي سگهن. پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ سيريز جي پهرين ٽيست ميچ 25 جولاءِ کان شروع ٿيندي جنهن لاءِ ٻنهي ٽيمن جون تياريون جاري آهن.