لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي انتظام هيٺ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سيمي فائنلن ۽ فائنل ميچ جي لائيو اسٽريمنگ ايم اي کهوڙو اسپورٽس ڪمپليڪس لاڙڪاڻي ۾ وڏي اسڪرين تي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پهريون سيمي فائنل 15 جولاءِ 2026ع، ٻيو سيمي فائنل 16 جولاءِ، جڏهن ته فائنل ميچ 20 جولاءِ 2026ع تي وڏي اسڪرين تي سڌو سنئون نشر …
فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سيمي فائنلن ۽ فائنل ميچ جي لائيو اسٽريمنگ ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪمپليڪس لاڙڪاڻي ۾ ٿيندي

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 14 جولاءِ (اي پي پي) سنڌ حڪومت جي اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز کاتي جي انتظام هيٺ فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي سيمي فائنلن ۽ فائنل ميچ جي لائيو اسٽريمنگ ايم اي کهوڙو اسپورٽس ڪمپليڪس لاڙڪاڻي ۾ وڏي اسڪرين تي ڪئي ويندي. ان سلسلي ۾ پهريون سيمي فائنل 15 جولاءِ 2026ع، ٻيو سيمي فائنل 16 جولاءِ، جڏهن ته فائنل ميچ 20 جولاءِ 2026ع تي وڏي اسڪرين تي سڌو سنئون نشر ڪيو ويندو. صوبائي وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو آهي ته حڪومت نوجوانن ۾ راندين جي فروغ ۽ صحتمند سرگرمين کي هٿي وٺرائڻ لاءِ عملي قدم کڻي رهي آهي. عالمي سطح جي مقابلن جي گڏيل لائيو اسٽريمنگ نوجوانن ۾ فٽبال جي راند ڏانهن دلچسپي وڌائڻ جو بهترين موقعو آهي. ان موقعي تي سيڪريٽري اسپورٽس اينڊ يوٿ افيئرز منور علي مهيسر چيو ته شوقينن لاءِ بهترين انتظام ڪيا ويا آهن ته جيئن خاندانن سميت عام ماڻهو محفوظ ۽ خوشگوار ماحول ۾ ميچن مان لطف اندوز ٿي سگهن. ضلعي اسپورٽس آفيسر لاڙڪاڻي موجب تقريب دوران وڏي اسڪرين، فوڊ ڪورٽ، مختلف اسٽال، پارڪنگ، سيڪيورٽي ۽ ٻين ضروري سهولتن جا انتظام ڪيا ويا آهن. شهرين، نوجوانن ۽ راندين جي شوقينن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هو مقرر تاريخن تي ايم اي کهڙو اسپورٽس ڪمپليڪس لاڙڪاڻي ۾ اچي فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع جي دلچسپ مقابلن جي لائيو اسٽريمنگ مان لطف اندوز ٿين.











