هائيڪو، چين ۾ جاري اي وي سي بوائز انڊر 18 والي بال چيمپيئن شپ ۾ پاڪستان جي سوڀ جي هيٽرڪ

لاهور- 14 جولاءِ (اي پي پي) هائيڪو، چين ۾ جاري اي وي سي بوائز انڊر 18 والي بال چيمپيئن شپ 2026ع ۾ پاڪستان پنهنجي شاندار ۽ ناقابل شڪست مهم جو سلسلو برقرار رکندي پول ”سي“ جي پنهنجي ٽين ميچ ۾ ٿائي لينڊ کي مسلسل ٽن سيٽس ۾ شڪست ڏئي ڪاميابين جي هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي. 12 کان 18 جولاءِ تائين جاري چيمپيئن شپ ۾ گرين شرٽس هن قوت تائين …

لاهور- 14 جولاءِ (اي پي پي) هائيڪو، چين ۾ جاري اي وي سي بوائز انڊر 18 والي بال چيمپيئن شپ 2026ع ۾ پاڪستان پنهنجي شاندار ۽ ناقابل شڪست مهم جو سلسلو برقرار رکندي پول ”سي“ جي پنهنجي ٽين ميچ ۾ ٿائي لينڊ کي مسلسل ٽن سيٽس ۾ شڪست ڏئي ڪاميابين جي هيٽرڪ مڪمل ڪري ورتي آهي. 12 کان 18 جولاءِ تائين جاري چيمپيئن شپ ۾ گرين شرٽس هن قوت تائين غير معمولي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي پنهنجي ٽنهي گروپ ميچن ۾ بنا ڪنهن سيٽ هارڻ جي فتح حاصل ڪري ورتي آهي. پاڪستان پهرين ميچ ۾ ٿائيلينڊ کي 3-0 تان شڪست ڏئي پهرين سيٽ ۾ قومي ٽيم جي شروعات ئي جارحاڻي راند سان ڪئي. جڏهن ته ٻي سيٽ ۾ به پاڪستاني رانديگرن بهترين تنظيم، دفاعي نظم و ضبط ۽ موثر اٽيڪ جو مظاهرو ڪندي، ٿائيلينڊ کي گهڻو موقعو نه ڏنو ۽ اهو سيٽ به 25-19 تان کٽي ورتو. اهڙي طرح ٽين سيٽ ۾ ٿائيلينڊ سخت مقابلو ڪيو ۽ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ پوائنٽس جي دلچسپ جنگ ڏسڻ ۾ ملي، جڏهن ته فيصلائتن لمحن ۾ پاڪستاني رانديگرن پنهنجي اعصابن تي ضابطو رکندي بهترين راند جو مظاهرو ڪيو ۽ سيٽ 25-23 تان کٽي ميچ 3-0 تان پنهجي نالي ڪري ورتي. پاڪستان ان کان اڳ گروپ مرحلي ۾ ڪرغزستان ۽ قازقستان کي به هڪ طرفي مقابلن ۾ شڪست ڏئي چڪو آهي. پاڪستان جي ٽيم اڳ ئي ڪوارٽر فائينل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري چڪي آهي پر ٿائيلينڊ کان کٽڻ بعد سندس پوزيشن اڃا وڌيڪ مستحڪم ٿي آهي.

مزید خبریں