اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته صوبي ڏانهن رهيل رهتن جي ادائيگي جو معاملو جلد حل ڪرڻ تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس سنڌ ۾ بجلي …
سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي خواجه آصف سان ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) وفاقي حڪومت سنڌ حڪومت کي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ بابت شڪايتون ختم ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي جڏهن ته صوبي ڏانهن رهيل رهتن جي ادائيگي جو معاملو جلد حل ڪرڻ تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير خواجه محمد آصف سان ملاقات ڪئي ۽ ساڻس سنڌ ۾ بجلي جي صورتحال ۽ لوڊشيڊنگ جي حوالي سان مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. بعد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير خواجه محمد آصف چيو ته سنڌ ۾ لوڊشيڊنگ جي شڪايتن جو ازالو ڪيو ويندو.











