اسان جون دعائون وطن لاءِ آهن، هر تڪليف ۽ طوفان ۾ پنهنجي ملڪ سان گڏ آهيون: پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين چيو آهي ته اسان جون دعائون وطن جي نالي آهن، اسان تڪليف ۽ طوفان ۾ پنهنجي ملڪ سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جتي به هجون پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجي تاثر بيان ڪندي چيو ته اسان جسماني طور تي سرحدن کان …

اسلام آباد-08 مئي (اي پي پي)معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي سمنڊ پار پاڪستانين چيو آهي ته اسان جون دعائون وطن جي نالي آهن، اسان تڪليف ۽ طوفان ۾ پنهنجي ملڪ سان گڏ بيٺل آهيون، اسان جتي به هجون پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي. معرڪه حق کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين پنهنجي تاثر بيان ڪندي چيو ته اسان جسماني طور تي سرحدن کان پري آهيون پر دل سان ويجها آهيون، پاڪستان اسان جي سڃاڻپ آهي، اسان جون دعائون وطن لاءِ آهن، ملڪ تي ڪا به رهڙ، ڪا به تڪليف ايندي، اها اسان جي دل تي اثر ڪندي آهي. هر تڪليف، هر طوفان ۾ اسان وطن سان گڏ بيٺل آهيون، هنن چيو دشمن جي هر چال، هر دوکو اسان جي پاڪستان جو ڪجهه نٿو بگاڙي سگهي ڇاڪاڻ ته اسان بنيان مرصوص آهيون.