اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مخلصاڻي ڪوششن ۾ قطر جي مسلسل حمايت تي قطر جي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا آهن. “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته کيس عزيز ڀاءُ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني …
خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ مخلصاڻي ڪوششن ۾ قطر جي مسلسل حمايت تي قطر جي قيادت جا ٿورا مڃيا آهن: وزيراعظم شهباز شريف

مزید خبریں
اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن ۽ استحڪام جي فروغ جي لاءِ ڪئي ويندڙ مخلصاڻي ڪوششن ۾ قطر جي مسلسل حمايت تي قطر جي قيادت جا ٿورا ادا ڪيا آهن. “ايڪس” تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم ٻڌايو ته کيس عزيز ڀاءُ قطر جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير شيخ محمد بن عبدالرحمان بن جاسم آل ثاني جي ٽيليفون آئي جنهن تي مون کي تمام گهڻي خوشي ٿي. وزيراعظم چيو ته انتهائي گرمجوش ۽ تعميري ڳالهه ٻولهه دوران اسان خطي جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ خطي ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام قائم ڪرڻ جي لاءِ جاري سمورين ڪوششن جي گڏيل حمايت جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ٻڌايو ته هن پنهنجي عزيز ڀاءُ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد آل ثاني جي قيادت تي سندس ٿورا پڻ ادا ڪيا، جڏهن ته پاڪستان پاران خطي ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ سفارتڪاري جي ذريعي امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ ڪئي ويندڙ مخلصاڻي ڪوششن ۾ قطر جي مسلسل حمايت تي پڻ ٿورا مڃيا.










