جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو توڙي روايتي يا غير روايتي جنگ هجي، اسان پهرين به تيار هئاسين ۽ هاڻ به تيار آهيون، اسان بيٺا آهيون ۽ ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي)آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت کي واضح ۽ ٻٽو پيغام ڏنو آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو توڙي روايتي يا غير روايتي جنگ هجي، اسان پهرين به تيار هئاسين ۽ هاڻ به تيار آهيون، اسان بيٺا آهيون ۽ ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين، پاڪستان جي سلامتي ۽ـ دفاع جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، ڪنهن جي جرائت ناهي …

راولپنڊي-07 مئي (اي پي پي)آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري ڀارت کي واضح ۽ ٻٽو پيغام ڏنو آهي ته جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو توڙي روايتي يا غير روايتي جنگ هجي، اسان پهرين به تيار هئاسين ۽ هاڻ به تيار آهيون، اسان بيٺا آهيون ۽ ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين، پاڪستان جي سلامتي ۽ـ دفاع جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين، ڪنهن جي جرائت ناهي ته فوج ۽ عوام وچ ۾ اچي سگهي، اسان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين. اهڙو اظهار هن حق جي ويڙهه کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف پروجيڪٽس ايئر وائس مارشل طارق غازي ۽ ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف آپريشنز ريئر ايڊمرل شفاعت علي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته حق جي ويڙهه ۾ الله تعاليٰ جي فضل سان هٿياربند فوج قوم جي اُمنگن تي پورو لٿي، اسان پاڻ کان پنج ڀيرا وڏي دشمن کي ملٽي ڊومين وار ۾ شڪست ڏني، اها ڳاله پاڪستاني ٻارن سان گڏوگڏ هندستاني ٻار به ڄاڻن ٿا، اها الڳ ڳالهه آهي ته هو ان کي تسليم نٿا ڪن. هن چيو ته هندستان تمام مڪاري سان بيانيو بڻايو ته پاڪستان دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي پر اصل حقيقت اها آهي ته ڀارت پاڻ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي. ڀارت بيانيي لاءِ فالس فليگ آپريشن ڪيو ۽ پهلگام واقعي تي بنا جاچ جي لمحن ۾ پاڪستان تي الزام به لڳائي ڇڏيو، دنيا ڀارت جي من گهڙت ڳالهين تي يقين ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هن وڌيڪ چيو ته پهلگام واقعي کي هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي پر پاڪستان جيڪي سوال اُٿاريا هئا اهي اڄ به جيئن جو تيئن موجود آهن، جواب ڏيو، ڪير هئا جن اهو ڪرايو، ڀارت ٻُڌائي ته ڪهڙي دهشتگردي ڪيمپ کي نشانو بڻايو، فائرنگ جي واقعي جي 15 منٽن اندر ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي ۽ دهشتگرد سرحد جي پار کان آيا هئا پر ڀارت جون انٽيليجنس ايجنسيون دهشتگردن کي روڪڻ ۾ ناڪام رهيون. پاڪ فوج جي ترجمان چيو ته ڪشمير ڀارت جو حصو ناهي پر هي هڪ عالمي تسليم ٿيل تڪراري علائقو آهي، ڀارت پنهنجي ماڻهن تي دهشتگردي ڪرائي ٿو ۽ الزام ٻين تي لڳائي ٿو. ڀارت کي سچ ڳالهائڻ گهرجي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته ڀارت جا سياستدان، سياستدان گهٽ ۽ جنگجو وڌيڪ لڳن ٿا. ڀارت جي پروفيشنل فوج کي سياست جي ور چاڙهيو ويو آهي، ڀارتي سياستدان هندوتوا جي نعري ۽ اکنڊ ڀارت جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن اهائي زبان استعمال ڪرڻي آهي ته پوءِ اچ سامهون، ڀارت لاءِ واضح ۽ ٻه ٽوڪ پيغام آهي ته  جيڪو ڪرڻو آهي ڪريو توڙي روايتي يا غير روايتي، اسان پهريان به تيار هئاسين هاڻي به تيار آهيون، اسان بيٺا آهيون ۽ ڀرپور طاقت سان جواب ڏينداسين، هيءَ جنگ زمين، فضا، سمنڊ، سائبر ۽ ذهنن جي جنگ آهي، ڪنهن جو پيءُ به پاڪستان کي نقصان نٿو پهچائي سگهي، جيڪڏهن ڪنهن کي شڪ آهي ته ان جي هڪ قسط اسان ڏيکاري چڪا آهيون، پاڪستان جي سلامتي ۽ دفاع جو هر قيمت تي دفاع ڪنداسين. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ جيڪو اوهان ڏٺو اهو اسان جي مجموعي پاور پوٽينشل جو 10 کان 15 سيڪڙو آهي، 14 آگسٽ تي عظيم الشان پريڊ ٿيندي، پنهنجي قوت جي صلاحيت جي ننڍڙي جهلڪ اوهان کي ڏيکارينداسين، مقصد اهو آهي ته هو بعد ۾ اهو نه چون ته ٻُڌايو نه هو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته اسان کي پاڻ تي ۽ قوم تي ڀروسو آهي، قوم کي به اسان تي ڀروسو آهي، ڪنهن جي جرائت ناهي ته فوج ۽ عوام وچ ۾ اچي سگهي. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪ فوج جو سياست سان ڪو تعلق ناهي، ڳالهيون سياسي پارٽين جو استحقاق آهن، اهي انهن کي پاڻ ۾ ڪرڻيون آهن، اسان ته چئون ٿا ته سياستدان پنهنجا معاملا ڳالهين ذريعي حل ڪن. ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته خطي کي استحڪام ڪير ڏئي رهيو آهي، پاڪستان ئي ڏئي رهيو آهي ۽ خطي ۾ امن لاءِ سڀ کان وڌيڪ ڪوششون پاڪستان ڪري رهيو آهي، اسان جي عزم تي ڪنهن کي شڪ نه هئڻ گهرجي، ٻن نيوڪليئر رياستن وچ ۾ جنگ چريائپ آهي. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا تمام گهرا ۽ ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪستان کي سعودي عرب ۽ سعودي عرب کي پاڪستان جي سيڪيورٽي ۽ سلامتي عزيز آهي، حرمين شريفين جو محافظ ٿيڻ هر پاڪستانيءَ لاءِ اعزاز آهي. حرمين شريفين جي حفاظت سعودي عرب جي قومي سلامتيءَ سان جڙيل آهي. سعودي عرب کي خطرو اسان لاءِ به خطرو آهي. هن چيو ته دهشتگردن جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي، انهن جو ڏيکاءُ اوهان کي اسلامي نظر ايندو پر انهن جو اسلام سان ڪو تعلق ناهي. اسان آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين جنگ جاري رکنداسين، دهشتگردي جون جنگيون، بيانيي جي جنگين کان ڊگهيون هونديون آهن هي وقت گهٽ وٺن ٿا، اڃا اسان هڪ ننڍڙي جهلڪ ڏيکاري آهي، ان جي پراڪسين سان وڙهندي اسان کي ڏهاڪا ٿي ويا آهن. هن چيو ته ڀارت دهشتگردن جي سهولتڪاري ڪري رهيو آهي، پاڪستان ۾ دهشتگرديءَ جي هر واقعي پُٺيان ڀارت ۽ افغانستان ملوث آهن. افغان طالبان جو نام نهاد پرڏيهي وزير ڀارت کان مدد گُهري ٿو. ڊي جي آءِ ايس پي آر چي ته ايئرفورس جو پائليٽ جڏهن جهاز ۾ وڃي رهيو هو ته ان جي ذهن ۾ خوف نه هو، هي دنيا اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، جيترو هو زندگيءَ سان پيار ڪن ٿا اوترو پيار اسان کي شهادت سان آهي. شهيد جو موت ان جو زيور هوندي آهي. هن چيو ته هندستان وڏي مڪاريءَ سان بيانيو ٺاهيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي ڪري ٿو پر ڀارت پاڻ دهشتگرديءَ ۾ ملوث آهي. ڀارت ڪشمير ۽ مني پور ۾ ماڻهن تي ظلم ڪري رهيو آهي. ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري چيو ته الله تعاليٰ جو شڪريو ادا ڪريون ٿا جڏهن اسان هن سال جو احاطو ڪريون ٿا، اسان احاطو ڪنداسين ته اسان جي اوڀر وارو پاڙيسري ملڪ سڄو سال ڇا ڪندو رهيو، هي سندور کان نڪرن ڇو نٿا، سندور ته عورتن کي لڳايو وڃي ٿو، هڪ پاڪستان ۽ ٻيو فيلڊ مارشل ڏينهن رات سندن خوابن ۾ ايندا آهن. پاڪ فضائيه جي ڊپٽي چيف آف ايئر اسٽاف پروجيڪٽس ايئر وائس مارشل طارق غازي ڳالهائيندي چيو ته اسان آپريشن بنيان مرصوص ۾ ڀارت جا 8 جهاز ڪيرايا ۽ هاڻ اسان 8 ٻڙيءَ تي آهيون. ڀارت جي ڪيرايل جهازن ۾ 4 رافيل، ايس يو- 30 مگ 29 ۽ ميراج 2000 شامل آهن، ان کان علاوه هڪ انتهائي مهانگو گهڻ رُخي خودڪار ايئرل سسٽم به تباهه ڪيو. پريس ڪانفرنس ۾ ڳالهائيندي ڊپٽي چيف آف نيول اسٽاف آپريشنز ريئر ايڊمرل شفاعت علي چيو ته ڀارت سامونڊي ٻيڙا مقرر ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، ڀارت کي پنهنجي سامونڊي طاقت سان وڏو ناز هو، ڀارتي بحريه هر طرح سان ليس هئي پر اڳرائيءَ جي همٿ نه ڪري سگهي. هن چيو ته حق جي ويڙهه ۾ پاڪ بحريه ۽ پاڪ فضائيه گڏجي دشمن کي تباهه ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا، ان دوران اسان جون بندرگاهون، اثاثا محفوظ ۽ فعال رهيا. هن چيو ته اسان امن جي خواهشمند آهيون پر ان کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي. حق جي ويڙهه ۾ اسان جي هم آهنگي بي مثال فتح جو سبب بڻي، اسان جا سامونڊي اثاثا سمنڊ ۾ محفوظ آهن.