ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ مؤثر موسمياتي قدم اڻٽر آهن: ڊاڪٽر مصدق ملڪ

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگيءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ مؤثر ۽ موسمياتي قدم اڻٽر آهن ته جيئن اهڙين تباهه ڪارين کي روڪي سگهجي يا انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ملڪ کي بهتر طور تيار ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن ايف 3/6 هل ويو پارڪ ۾ رٿيل وڻڪاري مهم ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي ڪيو. مهم …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگيءَ واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو آهي ته ٻارن جي بهتر مستقبل لاءِ مؤثر ۽ موسمياتي قدم اڻٽر آهن ته جيئن اهڙين تباهه ڪارين کي روڪي سگهجي يا انهن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ ملڪ کي بهتر طور تيار ڪري سگهجي. اهڙو اظهار هن ايف 3/6 هل ويو پارڪ ۾ رٿيل وڻڪاري مهم ۾ شرڪت دوران ڳالهائيندي ڪيو. مهم موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري وزارت پاڪستان ماحولياتي تحفظ ايجنسي ۽ ڪيپيٽل ڊولپمينٽ اٿارٽي جي سهڪار سان ڪيو ويو. هيءَ وڻڪاري مهم وزارت جي وسيع تر وڻڪاري مهم جو حصو آهي، جنهن جو مقصد وفاقي گاديءَ واري هنڌ ۾ وڻڪاري وڌائڻ ۽ شهري ماحول کي بهتر بنائڻ آهي. تقريب دوران هڪ مصوري جو مقابلو به ڪيو ويو جنهن ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي. شاگردن ڪلين اينڊ گرين اسلام آباد جي موضوع تي پينٽنگز تيار ڪيون، جنهن کانپوءِ هنن پارڪ ۾ وڻڪاري مهم ۾ حصو ورتو. ڊاڪٽر مصدق ملڪ وڻڪاري مهم دوران هڪ ٻوٽو لڳايو ۽ شاگردن سان ملاقات ڪئي. ٻارن جي تخليقي صلاحيتن ۽ خيالن کي ساراهيندي وفاقي وزير چيو ته ٻارن وٽ اهڙيون تخليقون، سوچ ۽ خيال هوندا آهن جن کي معاشرو اڪثر نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو، ان لاءِ ضروري آهي ته ان صلاحيتن جي حوصله افزائي ۽ حفاظت ڪئي وڃي. وفاقي وزير چيو ته وزارت اسلام آباد ۾ هر الرجي پيدا ڪندڙ پيپر ملبري وڻ جي بدلي ٽي نوان وڻ لڳائڻ جو عهد ڪيو هو ۽ جاري وڻڪاري مهم ان واعدي کي پورو ڪرڻ جو حصو آهي. هن ان قدمن ۾ ڪوڪا ڪولا جي تعاون کي ساراهيندي چيو ته اهڙي شرڪت ٻين ڪارپوريشنز کي به پنهنجي سماجي ۽ ماحولياتي ذميداريون ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيندا. هن ٻُڌايو ته ان کان اڳ زونگ ۽ هم نيٽ ورڪ جي تعاون سان به وڻڪاري مهم منعقد ٿي چڪيون آهن. ڊاڪٽر مصدق ملڪ چيو ته ڪوڪا ڪولا طرفان 5 هزار ٻوٽا فراهم ڪيا ويا آهن هاڻ انهن جي حفاظت ۽ واڌ ويجهه اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته اهي ٻار مستقبل ۾ معاشري کان جواب طلب ڪندا جڏهن ته ميڊيا، وزير ۽ وزارت کي ان ٻوٽن جي حوالي سان جوابده بڻائيندا. موسمياتي تبديليءَ جي تباهه ڪندڙ اثرن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير هاڻوڪي ٻوڏن ۽ قدرتي آفتن سبب ٿيل تباهي جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته هاڻوڪن ٻوڏن ۾ 6 هزار کان وڌيڪ ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ جڏهن ته لکين ماڻهو بي گهر ٿيا، بيشمار ٻارن جي تعليم متاثر ٿي، ڪجهه ٻار اهڙا به هئا جيڪي موسمياتي آفتن سبب لڏپلاڻ کان پوءِ ٻيهر اسڪول نه وڃي سگهيا. وفاقي وزير چيو ته وڻ ۽ ٻيلا هڪ قدرتي صنعت جي حيثيت رکن ٿا جيڪو ماحول کان ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جذب ڪري آڪسيجن پيدا ڪن ٿا. هن چيو ته ماحول ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ جي وڌندڙ مقدار، گرمي پد ۾ واڌ ۽ گليشيئرز جي پگهرڻ، گليشيائي ڍنڍن جي ڦاٽڻ ۽ تباهي آڻيندڙ ٻوڏن سبب بڻجي رهي آهي، جڏهن ته وڻڪاري ۽ ٻيلن جو تحفظ موسمياتي تبديليءَ کي مُنهن ڏيڻ لاءِ انتهائي اهم آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڪوڪا ڪولا جي سينيئر ڊائريڪٽر ڊاڪٽر فيصل هاشمي چيو ته ڪوڪا ڪولا پائيدار عوامي ماڳن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ حصيدارين کي مضبوط بڻائڻ لاءِ پُرعزم آهي. هن وزارت جي تعاون کي ساراهيندي خاطري ڪرائي ته ڪمپني آئينده گهٽ ۾ گهٽ 12 مهينن تائين لڳايل ٻوٽن جي نگراني ۽ سارسنڀال جاري رکندي. وڻڪاري مهم ۾ موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي هم آهنگي واري سيڪريٽري ۽ ڊائريڪٽر جنرل پاڪ اي پي اي انسپيڪٽر جنرل فاريسٽ ۽ ٻيا عملدار به موجود هئا.