لاهور - 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ چيو آهي ته معرڪه حق ۽ بُنيان مرصوص جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، اڄ پاڪستاني قوم اتحاد، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي سالگرهه ملهائي رهي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عسڪري حڪمت عملي ۽ …
معرڪه حق ۽ بُنيان مرصوص جو سال پُورو ٿيڻ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي: ساجده فاروق تارڙ

مزید خبریں
لاهور – 07 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي والده ساجده فاروق تارڙ چيو آهي ته معرڪه حق ۽ بُنيان مرصوص جو هڪ سال مڪمل ٿيڻ پوري قوم جي لاءِ فخر جوڳو آهي، اڄ پاڪستاني قوم اتحاد، استحڪام ۽ قومي يڪجهتي جي سالگرهه ملهائي رهي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي عسڪري حڪمت عملي ۽ پاڪ فوج جي پيشيواراڻي صلاحيتن نه رڳو دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو پر سفارتي محاذ تي پڻ پاڪستان کي نمايان ڪاميابيون ڏياريون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پبلڪ سيڪريٽريٽ اين اي 127 ۾ معرڪه حق ۽ بُنيان مرصوص جي پهرين سالگرهه جي حوالي سان منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب جي صدارت ساجده فاروق تارڙ ڪئي جڏهن ته ان موقعي تي قومي اسيمبلي ميمبر زينب هاشم ڀٽا، پنجاب اسيمبلي ميمبر بي بي وڊيري، سونيا اشعر، رشده لوڌي، اڳوڻي ايم پي اي فرح ديبا، ڊاڪٽر ثانيه کيڙا، مسز شهباز کوکر، مسز نصير ڀٽا، وفاقي وزير جي پي ايس او شهباز طالب، ڪشور باجوه، سعديه، مهوش، طاهره ۽ ٻيون سياسي ۽ سماجي شخصيتون ۽ تڪن جي عورتن جو وڏو انگ پڻ موجدو هو. ساجده فاروق تارڙ چيو ته پاڪستان جي هٿياربند فوج دنيا جي بهترين فوج ۾ شمار ٿئي ٿي، جنهن هر محاذ تي پنهنجي پيشيواراڻي مهارت، جرئت ۽ قربانين سان قوم جو ڳاٽ فخر سان اونچو ڪيو. هن چيو ته پاڪ فوج جديد جنگي حڪمت عملي، مضبوط دفاعي تياري ۽ وقت سر فيصلن جي ذريعي دشمن کي واضح پيغام ڏنو ته پاڪستان جي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ موجوده حڪومت اندروني استحڪام، قومي اتحاد ۽ موثر سفارتي حڪمت عملي جي ذريعي عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تشخص اجاگر ڪيو. سندس چوڻ هو ته حڪومت ۽ عسڪري قيادت جي وچ ۾ مثالي هم آهنگي جي ڪري پاڪستان نه رڳو خطي ۾ پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪئي پر عالمي برادري ۾ پڻ پنهنجو موقف موثر انداز ۾ پيش ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي مقررين چيو ته بُنيان مرصوص رڳو هڪ معرڪو نه پر قومي اتحاد، قرباني ۽ حب الوطني جي علامت بڻجي چڪو آهي. خطاب ڪندڙن چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي فوج ۽ رياستي ادارن سان گڏ بيٺل آهي ۽ ملڪي سلامتي جي لاءِ ڪنهن به قرباني کان نه ڪيٻائيندي. هن اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ جي ڪردار کي پڻ ساراهيندي چيو ته هن قومي بيانيي کي موثر انداز ۾ ملڪي ۽ عالمي سطح تي اجاگر ڪيو ۽ پاڪستان جي موقف کي ڀرپور انداز ۾ دنيا آڏو پيش ڪيو. تقريب ۾ ملڪي سلامتي، قومي يڪجهتي، ترقي ۽ خوشحالي ۽ شهيدن جي درجن جي بلندي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪئي وئي جڏهن ته شرڪت ڪندڙن قومي جهنڊو ڦڙڪائي ۽ ڪيڪ ڪاٽي بُنيان مرصوص جي پهرين سالگرهه ملهائي. تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن پاڪستان زندهه آباد ۽ پاڪ فوج جي حق ۾ نعرا پڻ هنيا.










