نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي سنگاپور جي پرڏيهي وزير سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سنگاپور جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نائب وزيراعظم جي ڪوششن ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ …

اسلام آباد – 07 مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار سنگاپور جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ويوين بالا ڪرشنن سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب سنگاپور جي پرڏيهي وزير خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ ۾ نائب وزيراعظم جي ڪوششن ۽ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيو. هن چيو ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي سهولت جي ذريعي امن قائم ڪرڻ ۾ پاڪستان خاص طور تي اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار خطي ۽ ان کان ٻاهر امن ۽ ترقي جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل ڪوششن جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين سامونڊي معاملن ۽ عالمي پاڻين ۾ تازي واقعن سان لاڳاپيل معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن جي وچ ۾ ويجهو رابطو رکيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي لاڳاپن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ اعلى سطح جي رابطن جي اهميت تي زور ڏيندي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.