معرڪه حق ۾ ڀارت جا اهم هدف اسان جي نشاني تي هئا، جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿئي ها ته ڀارت کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ها: محسن نقوي

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته معرڪه حق ۾ ڀارت جا اهم هدف اسان جي نشاني تي هئا،جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿئي ها ته ڀارت کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ها. ڀارت پاڪستان خلاف وڌيڪ ڪا به مهم جوئي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي چيو آهي ته معرڪه حق ۾ ڀارت جا اهم هدف اسان جي نشاني تي هئا،جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿئي ها ته ڀارت کي تمام گهڻو نقصان ٿئي ها. ڀارت پاڪستان خلاف وڌيڪ ڪا به مهم جوئي کان اڳ ڪيترائي ڀيرا سوچيندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن مملڪتي وزير طلال چوڌري سان گڏ پريس ڪانفرنس دوران ڪيو. محسن نقوي چيو ته معرڪه حق ۾ قدرت جي مدد سان پاڪستان کي ڪاميابي ملي، سڄي ملڪ ۾ معرڪه حق بابت تقريبون ٿي رهيون آهن. هن چيو ته ڀارت ننڍي ۽ وچولي سائز جا ڊرون اسان جي مختلف علائقن ڏانهن موڪليا، ڀارتي ڊرون گهٽ تعداد ۾ پاڪستان پهتا، اڪثر ڊرونز کي بارڊر تي اسان جي رينجرز تباهه ڪيو، ڀارت جي ڪوشش هئي ته سائبر حملو ڪري، جڏهن ته سائبر حملن ۾ ڀارت اسان جي ويجهو نه اچي سگهيو، هن چيو ته پاڪ فوج معرڪه حق ۾ قوم جو سر فخر سان بلند ڪيو، اهو ٻڌائڻ ضروري آهي ته اسان معرڪه حق ۾ ڇا ڪيو. پاڪستان ڀارت جنگ ۾  ڊرونز جو استعمال ٿيو جيڪو اڳ ڪڏهن به نه ٿيو هو. هن چيو ته نئين دهلي ۾ ڀارتي وزيراعظم جي گهر جي مٿان اسان جا ڊرونز گهمندا رهيا جنهن سان ڀارتي خوف ۾ مبتلا هئا، اسان جو ٽارگيٽ ڀارت جي سويلين شهري نه هئا جڏهن ته ڀارت اسان جي سول آبادي کي نشانو بڻايو، اسان جي رينجرز بارڊرز تي موجود هئي، ڀارت کي اڇو جهنڊو ڦڙڪائڻو پيو. محسن نقوي چيو ته ڀارت سان جنگ ۾ پاڪستاني ميڊيا جو ڪردار به واکاڻ جوڳو رهيو، اسان جي ميڊيا هڪ پيغام ذريعي سڄي قوم کي گڏ ڪيو، جڏهن ته ڀارتي ميڊيا لڳاتار ٻڏتر جو شڪار هئي. اسان جي ڳجهين ايجنسين پڻ بهترين ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو، گهرو وزير وڌيڪ چيو ته پاڪ ڀارت جنگ دوران آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڀارت کي وڏي نقصان کان بچايو. هڪ سوال جي جواب ۾ گهرو وزير چيو ته مان آمريڪا، ايران معاملن کي ٽٽندي جڙندي ڏٺو آهي، آمريڪا ايران جنگ بندي ۾ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ڪوششن تي ڀروسو رکي.