اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ عوامي اميدن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ بار ۽ بينچ وچ ۾ لڳاتار ۽ بامعنيٰ ڳالهيون ضروري آهن جڏهن ته نوجوان وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت ۽ اداره جاتي صلاحيت ۾ اضافو سڌارتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن پاڪستان …
بار ۽ بينچ وچ ۾ مسلسل ڳالهيون عدالتي سڌارن ۽ انصاف واري نظام جي بهتري لاءِ اڻٽر آهن: چيف جسٽس يحيٰ آفريدي

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس يحيٰ آفريدي چيو آهي ته عدالتي نظام کي وڌيڪ اثرائتو، شفاف ۽ عوامي اميدن سان هم آهنگ بڻائڻ لاءِ بار ۽ بينچ وچ ۾ لڳاتار ۽ بامعنيٰ ڳالهيون ضروري آهن جڏهن ته نوجوان وڪيلن جي پيشيوراڻي تربيت ۽ اداره جاتي صلاحيت ۾ اضافو سڌارتي ايجنڊا جو اهم حصو آهي. سپريم ڪورٽ مان جاري بيان موجب اها ڳالهه هن پاڪستان بار ڪائونسل ۽ صوبائي بار ڪائونسلز جي وائيس چيئرمينز ۽ ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي چيئرمينز سان منعقد مشاورتي اجلاس دوران چئي. اجلاس ۾ پاڪستان بار ڪائونسل سميت پنجاب، سنڌ، خيبرپختونخوا، بلوچستان، اسلام آباد ۽ آزاد ڪشمير بار ڪائونسلز جي قيادت شرڪت ڪئي. بار نمائندن عدالتي سڌارن جي قدمن کي ساراهيو ۽ مختلف تجويزون به پيش ڪيون. چيف جسٽس چيو ته عدالتي نظام ۾ بهتري لاءِ صرف انتظامي قدم ڪافي ناهن، جڏهن ته قانوني برادري جي فعال شموليت به ضروري آهي، هن چيو ته نوجوان وڪيلن جي تربيت ۽ کين جديد گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ ترجيح آهي. اجلاس دوران بار جي نمائندن ڊگرين جي تصديق، ججن جي بدلي جي طريقڪار ۽ هڪجهڙن ڪيسن ۾ مختلف عدالتي فيصلن جي نشاندهي ڪئي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اهڙن معاملن کي مناسب فور تي کڻي وڃڻ لاءِ لا اينڊ جسٽس ڪميشن آف پاڪستان ڏانهن موڪليو ويندو ته جيئن ان جو موثر جائزو وٺي سگهجي، چيف جسٽس چيو ته عدليه ۽ بار وچ ۾ سهڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائي انصاف تائين رسائي، قانوني ڄاڻ ۽ هڪ آزاد اثرائتي عدالتي نظام جا هدف حاصل ڪري سگهجن ٿا.










