گلگت بلتستان جي نوجوانن لاءِ وزيراعظم يوٿ لون اسڪيم جي شروعات ٿي چڪي آهي: راڻا مشهود

گلگت -07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي سينٽرل سيڪٽريٽ، ايئرپورٽ روڊ گلگت آمد تي پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جي چيئرمين پاڪستان مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايندڙ چونڊن، تنظيمي معاملن ۽ گلگت بلتستان جي نوجوانن جي ڀلائي لاءِ اهم …

گلگت -07 مئي (اي پي پي) وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود جي پاڪستان مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي سينٽرل سيڪٽريٽ، ايئرپورٽ روڊ گلگت آمد تي پارٽي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن شاندار آجيان ڪئي. ان موقعي تي وزيراعظم يوٿ لون پروگرام جي چيئرمين پاڪستان مسلم ليگ (ن) گلگت بلتستان جي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ايندڙ چونڊن، تنظيمي معاملن ۽ گلگت بلتستان جي نوجوانن جي ڀلائي لاءِ اهم ۽ عملي قدمن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون، رانا مشهود چيو ته گلگت بلتستان جو نوجوان باصلاحيت آهي ۽ انهن کي اڳيان وڌڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل آهي، هن چيو ته وزيراعظ يوٿ پروگرام جي شروعات ٿي چڪي آهي جنهن سان پاڪستان جا نوجوان پنهنجو ڪاروبار شروع ڪري باعزت روزگار حاصل ڪري سگهندا جڏهن ته ان قدم سان خطي ۾ بيروزگاري ۾ نمايان گهٽتائي ايندي. هن چيو ته وزيراعظم جي هدايتن موجب گلگت بلتستان جي نوجوانن کي ساليانو ڪوٽا مختص ڪري پرڏيهي ملڪ روزگار جا موقعا فراهم ڪيا ويندا ته جيئن نوجوان بهتر مستقبل طرف گامزن ٿي سگهن.