حق جي ويڙهه ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر قوم جي پختي عزم ۽ قومي موقف جي موثر، واضح ۽ صاف انداز ۾ ترجماني ڪئي: آءِ ايس پي آر

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ليفٽينٽ جنرل احمد شريف چوڌري حق جي ويڙهه دوران قومي عزم جي ڀرپور ترجماني ڪندي ڀارتي بنا جواز جارحيت تي واضح ۽ صاف موقف اختيار ڪيو. هن ڀارتي بزدلاڻن حملن کان وٺي حق جي ويڙهه جي ڪاميابي تائين سڄي دنيا کي قومي موقف کان آگاهه رکيو. تفصيل موجب حق جي …

اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) جي ڊي جي ليفٽينٽ جنرل احمد شريف چوڌري حق جي ويڙهه دوران قومي عزم جي ڀرپور ترجماني ڪندي ڀارتي بنا جواز جارحيت تي واضح ۽ صاف موقف اختيار ڪيو. هن ڀارتي بزدلاڻن حملن کان وٺي حق جي ويڙهه جي ڪاميابي تائين سڄي دنيا کي قومي موقف کان آگاهه رکيو. تفصيل موجب حق جي ويڙهه ۾ پاڪستان موثر اسٽريٽجڪ ڪميونيڪيشن ذريعي واضح ڪيو ته قومي عزم صرف دعويٰ نه ڇاڪاڻ ته پاڪستان جيڪو چيو اهو ڪري به ڏيکاريو. حق جي ويڙهه ۾ ڊي جي آءِ ايس پي آر سڄي قوم جي پختي عزم ۽ قومي موقف جي موثر، واضح ۽ صاف انداز ۾ ترجماني ڪئي. ڀارتي بزدلاڻن حملن کان وٺي حق جي ويڙهه جي ڪاميابي تائين ڊي جي آءِ ايس پي آر سڄي دنيا کي قومي موقف کان پل به پل آگاهه رکيو، ڊي جي آءِ آيس پي آر 6 ۽ 7 مئي 2025ع جي وچ واري رات تي ڀارتي بنا جواز جارحيت تي واضح موقف اختيار ڪندي چيو ته بزدل دشمن ڀارت پنهنجي حدن کان پاڪستان ۾ افسوسناڪ حملو ڪيو جنهن جو وقت سر، موثر ۽ ڀرپور جواب ڏنو ويندو، پاڪستان مان ان ڀارتي بزدلاڻي حملي جو ايترو سخت جواب ڏنو ويندو ته ڀارت جي عارضي خوشي هميشه لاءِ ڏک ۾ بدلجي ويندي. ڀارت جي بناجواز ۽ چڙ ڏياريندڙ حملي سان پاڪستان جي شهري آبادي کي نشانو بڻايو ويو جنهن جو سختي سان جواب ڏنو ويندو، ڊي جي آءِ ايس پي آر چيو ته پاڪستان پنهنجي جوابي حملي ۾ وقت، جڳهه ۽ پنهنجي مرضي موجب ڀارتي جارحيت جو فيصلائتو جواب ڏيندو. بزدل دشمن ڀارت فوج سان وڙهڻ بدران رات جي اونڌاهي ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو آهي. هن چيو ته دشمن کان معصوم شهرين جي ناحق رت جي آخري ڦڙي تائين جو پورو حساب ورتو ويندو. پاڪستان هر قيمت تي پنهنجي سلامتي ۽ سرحدن جي حفاظت کي يقيني بڻائيندو ۽ بڻائي رهيو آهي، جڏهن پاڪستان حملو ڪندو ته ڀارتي ميڊيا کي ٻڌائڻ جي ضرورت نه پوندي، سڄي دنيا ڏسندي، اسان توهان جي طاقت، جارحيت ۽ مڪاري کان ڊڄڻ واري قوم ناهيون. هاڻي ڀرپور جواب جو انتظار ڪريو. هن چيو ته ڪو به ابهام نه هجڻ گهرجي ته جڏهن اسان جي سرحدن جي خلاف ورزي ڪئي ويندي ته طاقتور ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو، ڀارتي جارحيت خلاف پاڪ فوج جي ترجمان جا تاريخي لفظ پاڪستاني قوم جي جرئت، يڪجهتي ۽ قومي عزم جي ترجماني ڪن ٿا.