اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان فلپ مورس انٽر نيشنل جي صدر مارڪو ماريوٽي جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تماڪ جي شعبي کي درپيش اهم چئلينجز خاص طور تي غير قانوني واپار، ريگيوليٽري خال ۽ روانگي واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار ۾ …
واپار واري وفاقي وزير سان فلپ مورس انٽر نيشنل جي وفد جي ملاقات، تماڪ جي شعبي جي درپيش چئلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان سان فلپ مورس انٽر نيشنل جي صدر مارڪو ماريوٽي جي اڳواڻي ۾ وفد ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ تماڪ جي شعبي کي درپيش اهم چئلينجز خاص طور تي غير قانوني واپار، ريگيوليٽري خال ۽ روانگي واپار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات دوران وفد وفاقي وزير کي پاڪستان ۾ سگريٽ جي غير قانوني واپار ۾ اضافي جي رفتار تي بريفنگ ڏني وئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته مارڪيٽ جو هڪ اهم حصو غير دستاويزي آهي جنهن جي نتيجي ۾ آمدني ۾ تقريبن 350 ارب روپيا ساليانو نقصان ٿي رهيو آهي. 45 کان 47 ارب سگريٽ ٽيڪس جي ادائيگي بنا وڪرو ٿي رهيا آهن جنهن سان سگريٽ جي معيشت متاثر ٿي رهي آهي. وفد نشاندهي ڪئي ته رجسٽرڊ ڪمپنيون سخت ريگوليٽري فريم ورڪ تحت ڪم ڪن ٿيون جڏهن ته غير دستاويزي پيداوار ۽ معاهدن جو غلط استعمال غير رسمي عنصرن کي خام مال تائين پهچ ۽ غير قانوني مينيو فيڪچر نگ کي وڌائڻ جي قابل بڻائي ٿو. شرڪت ڪندڙن ان ڳالهه تي زور ڀريو ته اهو مسئلو ٽيڪس کان ٻاهر آهي جنهن ۾ غير دستاويزي آمدني، مني لانڊرنگ، معاشي بگاڙ بابت خدشا آهن. وفد ان ڳالهه تي زور ڀريو ته قانون، ٽيڪس اسٽيمپ سسٽم ۽ ضابطه پهرين کان موجود آهن پر انهن تي عمل در آمد ناهي ٿيو. ملاقات ۾ پاڪسان ٽوبيڪو بورڊ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي . اجلاس ۾ عالمي مالياتي فنڊ پروگرام تحت پاڪستان جي وعدن مان پيدا ٿيندڙ پاليسي چئلينجز جو به جائزو ورتو ويو. خاص طور تي آمدني واپار سميت برابر سلوڪ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.










