اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي صارفين لاءِ حڪومتي سبسڊي نظام شفاف بڻائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون طريقو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي اهي صارفين جن کي حڪومت طرفان سبسڊي ڏني پئي وڃي، جي ماهوار بلن تي واضح طور تي اهو ٻڌايو ويندو ته کين هن مهيني ۾ ڪيتري رقم جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهو قدم ان لاءِ …
توانائي واري وزارت بجلي صارفين جو سبسڊي نظام شفاف رکڻ لاءِ نئون طريقو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي: پاور ڊويزن جو ترجمان

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) توانائي واري وزارت بجلي صارفين لاءِ حڪومتي سبسڊي نظام شفاف بڻائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ نئون طريقو متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، هاڻي اهي صارفين جن کي حڪومت طرفان سبسڊي ڏني پئي وڃي، جي ماهوار بلن تي واضح طور تي اهو ٻڌايو ويندو ته کين هن مهيني ۾ ڪيتري رقم جي سبسڊي فراهم ڪئي وئي آهي. پاور ڊويزن جي ترجمان موجب اهو قدم ان لاءِ کنيو ويو آهي ته جيئن اها سبسڊي اهل ۽ مستحق صارفين تائين پهچندي رهي. هن چيو ته ان مقصد لاءِ بجلي جي بلن تي هڪ ڪيو آر ڪوڊ ڏنو پيو وڃي جنهن کي اسڪين ڪري صارفين کي هڪ لنڪ تي رجسٽريشن ڪرڻي پوندي، اها رجسٽريشن رڳو ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ لاءِ آهي ته غريب ۽ بجلي گهٽ استعمال ڪندڙ خاندان کي رليف ملندو رهي. واضح رهي ته ان جو مطلب ڪنهن به طرح سبسڊي ختم ڪرڻ ناهي. حڪومت جو موقف آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي کي رليف ڏيڻ اولين ترجيح آهي ۽ ان عمل جو مقصد فقط وسيلن جو صحيح ۽ منصفاڻو استعمال آهي ته جيئن ٽيڪس ڏيندڙن جا پئسا ضايع ٿيڻ کان بچي سگهن. عوام کي اپيل ڪئي وئي آهي ته مستقبل ۾ اهل بجلي صارفين سبسڊي جي تسلسل لاءِ ڏنل ڪيو آر ڪوڊ تي جلد کان جلد رجسٽريشن ڪرائين، جيڪڏهن ڪنهن صارف جي بل تي ڪا غلطي يا ٻي پريشاني هجي ته لاڳاپيل بجلي ڪمپني جي هيلپ لائين نمبر تي رابطو ڪري سگهن ٿا. حڪومت عوام جي سهولت ۽ شفافيت لاءِ پرعزم آهي ۽ ڪنهن سياسي يا معاشي دٻاءُ جي باوجود غريب جو حق ادا ڪندي رهندي.










