اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ڪوٽا تي ڏني ويندڙ نوڪرين بابت ڪيس ۾ ڪلارڪ سمعيه نذير جي اپيل خارج ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت حڪومت کي ملازمت دوران حاصل ڪيل پگهارن ۽ مراعتن جي رڪوري کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ قائم بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران …
ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ ملازمن جي ٻارن جي ڪوٽا تي ڀرتي ڪيس، آئيني عدالت اپيل خارج ڪري ڇڏي

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي)وفاقي آئيني عدالت ملازمت دوران لاڏاڻو ڪري ويندڙ سرڪاري ملازمن جي ٻارن کي ڪوٽا تي ڏني ويندڙ نوڪرين بابت ڪيس ۾ ڪلارڪ سمعيه نذير جي اپيل خارج ڪري ڇڏي، جڏهن ته عدالت حڪومت کي ملازمت دوران حاصل ڪيل پگهارن ۽ مراعتن جي رڪوري کان روڪي ڇڏيو. چيف جسٽس، جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ قائم بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ پهرين ئي قرار ڏئي چڪي آهي ته فيصلي کان اڳ ٿيل ڀرتيون برقرار رهنديون، جڏهن ته سندس موڪله پنجاب ۾ ڪوٽا پاليسي ختم ٿيڻ کان پهرين ڀرتي ٿي هئي. ان موقعي تي ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب عدالت کي ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو درخواستگذار جي ڪيس تي لاڳو نه ٿيندو ڇاڪاڻ ته پنجاب ۾ فوت ٿيل ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ جو قانون ختم ٿي چڪو آهي. ٻڌڻي دوران جسٽس باقر نجفي رمارڪس ڏنا ته پنجاب ۾ لاڏاڻو ڪري ويل ملازمن جي ٻارن کي نوڪري ڏيڻ بابت قانون ختم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته چيف جسٽس امين الدين خان چيو ته سنڌ حڪومت به سپريم ڪورٽ جي فيصلي جي روشني ۾ اها ڪوٽا ختم ڪري ڇڏي هئي. چيف جسٽس رمارڪس ۾ چيو ته قانون خلاف ڀرتيون لاڳاپيل ادارن ڪيون، ملازمن جو ان ۾ ڪو به قصور ناهي. هن وڌيڪ چيو ته ملازم جيترو عرصو ڪم ڪيو، ان دوران ملندڙ پگهار ۽ مراعت واپس نٿي وٺي سگهجي. عدالت کي ٻڌايو ويو ته زراعت کاتي پنجاب قانون خلاف ڪوٽا تي ڀرتي ٿيل ڪلارڪ سمعيه نذير کي نوڪري تان برطرف ڪري ڇڏيو هو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ به ان جي برطرفي خلاف درخواست رد ڪري چڪي هئي، ان کانپوءِ وفاقي آئيني عدالت به اپيل خارج ڪندي برطرفي برقرار رکي.










