اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي تڪراري سيڪشن 7E کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي مڪمل طور تي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان شق تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ روينيو ڊويزن طرفان ڪيل سموريون ڪارروايون، نوٽيسز ۽ قدمن کي به غير موثر ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس امين الدين خان ۽ …
وفاقي آئيني عدالت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي تڪراري سيڪشن 7E کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو

مزید خبریں
اسلام آباد-07 مئي (اي پي پي) وفاقي آئيني عدالت انڪم ٽيڪس آرڊيننس 2001ع جي تڪراري سيڪشن 7E کي آئين سان ٽڪراءُ قرار ڏيندي مڪمل طور تي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو آهي، جڏهن ته ان شق تحت فيڊرل بورڊ آف روينيو (ايف بي آر) ۽ روينيو ڊويزن طرفان ڪيل سموريون ڪارروايون، نوٽيسز ۽ قدمن کي به غير موثر ۽ غير قانوني قرار ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس امين الدين خان ۽ جسٽس علي باقر نجفي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ خميس ڏينهن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالت مختصر فيصلو ٻڌائڻ کانپوءِ لکت وارو حڪم نامو به جاري ڪيو. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته سيڪشن 7 اي کي فنانس ايڪش 2022ع ذريعي انڪم ٽيڪس آرڊيننس ۾ شامل ڪيو ويو هو، جڏهن ته سڄي ملڪ جي مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ ان شق جي حوالي سان مخالف فيصلا سامهون آيا، پشاور هاءِ ڪورٽ ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ سيڪشن 7 اي کي غير آئيني قرار ڏيندي ڪالعدم ڪيو هو، جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ان جي ذيلي شق 2 کي غير آئيني قرار ڏنو هو، ٻئي طرف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ ڪجهه فيصلن ۾ ان شق کي برقرار رکيو هو، ٽيڪس ڏيندڙن طرفان داخل اپيلن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته اها شق حقيقت ۾ جائيداد تي مفروضه آمدني جي نالي تي ٽيڪس آهي جيڪا اصل آمدني کانسواءِ لاڳو ڪيو ويو، تنهن ڪري هي آئيني اختيار کي اورانگهڻ آهي. روينيو ڊويزن ۽ ايف بي آر طرفان سينئر وڪيل حافظ احسان احمد کوکر ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ عدالت ۾ موقف اختيار ڪيو ته سيڪشن 7 اي پارليامينٽ جي آئيني اختيار تحت ٽيڪس نيٽ کي وسيع ڪرڻ لاءِ متعارف ڪرايو ويو هو ۽ مفروضه آمدني جو تصور ٽيڪس قانون ۾ تسليم ٿيل اصول آهي، هن موقف اختيار ڪيو ته اها شق آئين جي آرٽيڪل 77 ۽ لاڳاپيل قانونسازي جي دائري اختيار ۾ اچي ٿي، عدالت سمورا دليل ٻڌڻ کانپوءِ قرار ڏنو ته سيڪشن 7 اي پنهنجي اصل ۽ نوعيت جي اعتبار سان جائيداد جي ملڪيت تي ٽيڪس آهي، نه وري حقيقي آميني، ان لاءِ ان کي آئين تحت برقرار رکي نٿو سگهجي. فيصلي ۾ چيو ويو ته سيڪشن 7 اي آئين سان ٽڪراءُ، غير مجاز ۽ ڪالعدم آهي، تنهن ڪري ان تحت ايف بي آر ۽ ٻين ادارن طرفان جاري سمورن نوٽيسز، ڪاررواين ۽ قدمن کي به ختم سمجهيو ويندو.عدالت واضح ڪيو ته مختلف هاءِ ڪورٽس جي ٽڪراءُ وارن فيصلن سان پيدا ٿيل قانوني جهول ختم ڪيو ويو آهي، ۽ هاڻي معاملو به اڪلايو وڃي ٿو، تفصيلي سبب بعد ۾ جاري ڪيا ويندا.










