پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تيزي، 100 انڊيڪس 900 پوانٽس جي واڌ سان هڪ لک 72 هزار 639 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو

اسلام آباد-07 مئي(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو، ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 900 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 72 هزار 639 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري، هاڪاري معاشي اهڃاڻ ۽ مختلف شعبن ۾ خريداري جي وڌندڙ رجحان سبب مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار آهي. ماهرن مطابق تازن ڏينهن ۾ حڪومتي معاشي پاليسين، مالياتي استحڪام ۽ سيڙپڪاري …

اسلام آباد-07 مئي(اي پي پي)پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن تيزي جو رجحان رهيو، ڪاروبار جي شروعات تي 100 انڊيڪس 900 پوائنٽس جي واڌ سان هڪ لک 72 هزار 639 پوائنٽس جي سطح تي پهچي ويو. سيڙپڪارن جي اعتماد ۾ بهتري، هاڪاري معاشي اهڃاڻ ۽ مختلف شعبن ۾ خريداري جي وڌندڙ رجحان سبب مارڪيٽ ۾ تيزي برقرار آهي. ماهرن مطابق تازن ڏينهن ۾ حڪومتي معاشي پاليسين، مالياتي استحڪام ۽ سيڙپڪاري جي ماحول ۾ بهتري اسٽاڪ مارڪيٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي. واضح رهي ته اربع تي به مارڪيٽ ۾ تاريخي تيزي ڏٺي وئي هئي ۽ 100 انڊيڪس 6 هزار 962 پوائنٽس جي اضافي سان هڪ لک 71 هزار 704 پوائنٽس جي سطح تي بند ٿيو هو.