لاڙڪاڻو شهر ۾ چُوپائي مال جي چهل قدمي خلاف خلاف قلم 144 لاڳو، نوٽيفڪيشن جاري

لاڙڪاڻو- 16 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شهر ۾ چوپائي مال جي آزاداڻي چرپر ۽ ٽريفڪ ۾ رخنو وجھڻ خلاف بندش ڪري قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن تحت ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ شهر ۾ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي چوپائي مال جي آزاداڻي چرپر تي 90 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو …

لاڙڪاڻو- 16 اپريل (اي پي پي) لاڙڪاڻو ڊويزن جي ڪمشنر رشيد مسعود خان کي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو شهر ۾ چوپائي مال جي آزاداڻي چرپر ۽ ٽريفڪ ۾ رخنو وجھڻ خلاف بندش ڪري قلم 144 لاڳو ڪرڻ جي سفارش ڪئي آهي، جنهن تحت ڪمشنر لاڙڪاڻو ڊويزن پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ شهر ۾ عوامي مفاد کي نظر ۾ رکندي چوپائي مال جي آزاداڻي چرپر تي 90 ڏينهن لاءِ قلم 144 لاڳو ڪيو آهي ۽ ان قدم سان عوام کي چرپر ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي ۽ ٽريفڪ ۾ رڪاوٽ نه ٿيندي ۽ روڊن تي گندگي گھٽجڻ ۾ پڻ مدد ملندي. نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سي آر پي سي سيڪشن 195 اي تحت لاڳاپيل ٿاڻي جي ايس ايڇ اوز کي مجاز اختيار هوندا ته هو قلم 144 جي خلاف ورزي ڪندڙن خلاف لکت ۾ شڪايتون داخل ڪري قانون مطابق ڪارروائي ڪري سگھن ٿا.