ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته قبضا مافيه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته اهي عنصر نه رڳو شهرين جا حق غصب ڪن ٿا پر صوبي جي معاشي ترقي لاءِ پڻ ناسور آهن. هن واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪي معاملا قبضي جي زمري ۾ اچن ٿا، انهن تي فوري طور ڪيس …
قبضا مافيه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي: صوبائي وزير ضياءُ الحسن

مزید خبریں
ڪراچي-15 اپريل (اي پي پي) گهرو، قانون ۽ پارلياماني معاملن واري صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو آهي ته قبضا مافيه ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ڇو ته اهي عنصر نه رڳو شهرين جا حق غصب ڪن ٿا پر صوبي جي معاشي ترقي لاءِ پڻ ناسور آهن. هن واضح هدايتون جاري ڪندي چيو ته جيڪي معاملا قبضي جي زمري ۾ اچن ٿا، انهن تي فوري طور ڪيس داخل ڪيا وڃن ۽ ملوث عنصرن کي گرفتار ڪيو وڃي. اھڙيون هدايتون هن سنڌ حڪومت پاران زمينن تي قبضن، حددخلين ۽ عوامي شڪايتن جي ازالي لاءِ وڏي ۽ اثرائتي قدم طور قائم ڪيل خصوصي ڪميٽي جي چوٿين اجلاس جي صدارت دوران جاري ڪيون. اجلاس ۾ شهرين، واپاري برادري ۽ ڪاروباري طبقي کي لينڊ گريبرز، قبضا مافيا ۽ غير قانوني حددخيلين کان نجات ڏيارڻ لاءِ مختلف معاملن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ لاڳاپيل ادارن طرفان اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ويو ته مجموعي طور 23 ڪيس ڪميٽي آڏو غور هيٺ آندا ويا هئا، جن مان 4 ڪيس ڪاميابي سان حل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته باقي رهيل ڪيسن تي تفصيلي غور ڪيو ويو ۽ انهن تي جلد کان جلد حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون ويون. صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار اجلاس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته ڪميٽي قائم ڪرڻ جو بنيادي مقصد واپاري برادري، سيڙپڪارن ۽ عوام کي قبضا مافيا ۽ لينڊ گريبرز کان نجات ڏيارڻ آهي. سندس چوڻ هو ته حڪومت سنڌ جي اولين ترجيح واپاري برادري جا مسئلا حل ڪرڻ، سيڙپڪارن جو تحفظ ڪرڻ ۽ ڪاروباري ماحول کي سازگار بڻائڻ آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار وڌيڪ چيو ته هيءَ ڪميٽي واپارين ۽ شهرين کي فوري رليف فراهم ڪرڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي ۽ ان جي قيام جي هدايت چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي حڪمن تحت ڏني وئي هئي. هن ان عزم جو ورجايو ته حڪومت سنڌ واپاري برادري سان گڏ بيٺل آهي ۽ انهن جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم جاري رکيا ويندا. اجلاس ۾ ڪمشنر ڪراچي کي هدايت ڪئي وئي ته سمورن پٺتي پيل ڪيسن جي حل لاءِ 15 ڏينهن اندر اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته جيئن معاملن کي جلد منطقي انجام تائين پهچائي سگهجي. اجلاس ۾ شريڪ واپاري برادري جي نمائندن سنڌ حڪومت جي قدمن کي ساراهيندي چيو ته قبضا مافيا خلاف بروقت ٻڌڻي ۽ فوري ڪارروائي تي هو حڪومت جا ٿورائتا آهن. هنن يقين ڏياريو ته واپاري برادري حڪومت سنڌ جي هر هاڪاري قدم جي مڪمل حمايت ڪندي ۽ هر ممڪن سهڪار فراهم ڪندي۔ اجلاس ۾ گھرو کاتي جي سيڪريٽري، سينيئر ميمبر بورڊ آف روينيو، انسپيڪٽر جنرل سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍهو، سيڪريٽري لينڊ يوٽيلائيزيشن، ڊي جي ڪي ڊي اي، ڊي جي ملير ڊولپمينٽ اٿارٽي، ڪمشنر ڪراچي ۽ چيئرمين اينٽي ڪرپشن شرڪت ڪئي، جڏهن ته واپاري برادري جي نمائندگي چيئرمين آباد، صدر ڪي سي سي آءِ، ايف پي سي سي آءِ ۽ ڪاٽي جي نمائندن ڪئي.











