لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس ڪامياب ڪاروايون ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جيڪب آباد پوليس مختلف ڪارواين دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان بغير لائسنس ٽي ٽي پستول ۽ 05 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ٿاڻو سول لائين وريل شاهه پنهنجي اسٽاف سان گڏجي اسنيپ چيڪنگ دوران ڪامياب ڪاروائي ڪندي ديسي شراب …
جيڪب آباد پوليس جون ڪارروائيون، 2 جوابدار گرفتار

مزید خبریں
لاڙڪاڻو- 14 اپريل (اي پي پي) جيڪب آباد پوليس ڪامياب ڪاروايون ڪندي ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. جيڪب آباد پوليس مختلف ڪارواين دوران ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار جوابدارن وٽان بغير لائسنس ٽي ٽي پستول ۽ 05 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ايس ايڇ او ٿاڻو سول لائين وريل شاهه پنهنجي اسٽاف سان گڏجي اسنيپ چيڪنگ دوران ڪامياب ڪاروائي ڪندي ديسي شراب منشيات اسمگلر جوابدار ظاھر علي جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار وٽان 05 ليٽر ديسي شراب هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آھي. ايس ايڇ او صدر ٿاڻو انسپيڪٽر شاهه جھان لاشاري عملي سان گڏجي پوليس پڪيٽ نمبر 09 وٽ ڪامياب ڪاروائي ڪندي اسنيپ چيڪنگ دوران هڪ جوابدار آصف علي ولد قائم خان ڊومڪي کي گرفتار ڪري ورتو. جوابدار وٽان بغير لائسنس پستول هٿ ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي.











