اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 43 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 46 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 87هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 87 هزار 100ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 47 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 21 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ …
ملڪي درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري

مزید خبریں
اسلام آباد-01 اپريل (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف درياهن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر جاري ڪيا آهن. گذريل ڏينھن جاري تفصيلن مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 43 ھزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 20 ھزار ڪيوسڪ، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد 46 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 46 هزار ڪيوسڪ آھي. خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد 87هزار 100 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 87 هزار 100ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 47 هزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 22 هزار ڪيوسڪ آھي. جڏھن ته چناب درياهه ۾ مرالا وٽ پاڻي جي آمد 21 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 14 هزار 800 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، ڊيم ۾ پاڻي جي موجوده سطح 1449.82فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.006 ملين ايڪڙ فٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1138.00 فٽ، ڊيم ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 1.268 ملين ايڪڙ فٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فٽ، پاڻي جي موجوده سطح 645.90 فٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.171 ملين ايڪڙ فٽ رڪارڊ ڪيو ويو.











