صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد –  12 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 48 ۽ 101 تحت سنڌ جي گورنر جي عهدي جي لاءِ نهال هاشمي جي مقرري جي سمري جي منظوري ڏني. صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو …

اسلام آباد –  12 مارچ (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر وزيراعظم جي ايڊوائيس تي آئين جي آرٽيڪل 48 ۽ 101 تحت سنڌ جي گورنر جي عهدي جي لاءِ نهال هاشمي جي مقرري جي سمري جي منظوري ڏني. صدر آصف علي زرداري نهال هاشمي کي سنڌ جو گورنر مقرر ٿيڻ تي مبارڪباد ڏني ۽ سندس جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. بيان موجب صدر ان مقرري جي لاءِ ڪميشن آف اپائنٽمنٽ تي پڻ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس نامزد گورنر نهال هاشمي کان حلف وٺندو.