اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش جي نئين چونڊيل اسپيڪر ميجر (ر) حفيظ الدين احمد کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ بنگلاديش جي پارليامينٽ جي نئين چونڊيل اسيپڪر کي پارليامينٽ جو متفقه اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ميجر (ر) حفيظ الدين احمد جو متفقه طور …
قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر پاران بنگلاديش جي نئين چونڊيل اسپيڪر کي مبارڪون

مزید خبریں
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر سردار اياز صادق بنگلاديش جي نئين چونڊيل اسپيڪر ميجر (ر) حفيظ الدين احمد کي مبارڪون ڏيندي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي مبارڪن واري پيغام ۾ بنگلاديش جي پارليامينٽ جي نئين چونڊيل اسيپڪر کي پارليامينٽ جو متفقه اسپيڪر چونڊجڻ تي مبارڪون ڏنيون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ميجر (ر) حفيظ الدين احمد جو متفقه طور تي اسپيڪر چونڊجڻ پارليامينٽ جي ميمبرن پاران سندس قائداڻي صلاحيتن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار آهي. پارليامينٽ ڪنهن به جمهوري نظام جو بنيادي ٿنڀ ۽ عوام جي نمائندگيءَ جو اهم ترين ادارو آهي. پارليامينٽ کي هلائڻ ۾ اسپيڪر جو ڪردار نهايت اهم آهي. عوام جي فلاح بهبود لاءِ مؤثر قانونسازي ۽ ملڪ جي اجتماعي مسئلن جي حل لاءِ پارليامينٽ جو اهم ڪردار هوندو آهي. پاڪستان ۽ بنگلاديش جو عوام گڏيل تاريخ، ثقافت، مذهب ۽ روايتن جي مضبوط رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته بنگلاديشي پارليامينٽ جي نئين قيادت ٻنهي ملڪن وچ ۾ پارلياماني رابطن کي وڌيڪ مضبوط بنائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي.











