اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ ۾ سرنديءَ وارن ميمبرن ۽ ڪابينه جي ميمبرن کي پنهنجون پگهارون قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جي تلقين ڪئي آهي. پارليامينٽ ٻاهر ”اي پي پي، سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوامي رليف لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي قربانيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو وفاقي وزير …
قيصر احمد شيخ ڪابينه جو اڪيلو وزير آهي جيڪو 24 مهينن کان بنا پگهار جي ڪم ڪري رهيو آهي، ٻين ميمبرن کي به مالي قربانيءَ جي تلقين

مزید خبریں
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)سيڙپڪاري بورڊ وارو وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ملڪ جي معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي پارليامينٽ ۾ سرنديءَ وارن ميمبرن ۽ ڪابينه جي ميمبرن کي پنهنجون پگهارون قومي ناڻي ۾ جمع ڪرائڻ جي تلقين ڪئي آهي. پارليامينٽ ٻاهر ”اي پي پي، سان ڳالهائيندي هن چيو ته عوامي رليف لاءِ پارليامينٽ جي ميمبرن کي قربانيءَ جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته هو وفاقي وزير جي حيثيت سان گذريل 24 مهينن کان پنهنجون خدمتون بنا ڪنهن پگهار ۽ رعايتن جي رضاڪاراڻي طور انجام ڏئي رهيو آهي. هن پنهنجي ساٿين کي به ان جذبي تحت پگهارون عطيو ڪرڻ جو مشورو ڏيندي چيو آهي ته هو سمجهي ٿو ته سندس ساٿي به محبِ وطن آهن ۽ ان قومي مقصد لاءِ پنهنجو حصو ضرور وجهندا.











