وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو

جده –  12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب ۾ ڪجهه ڪلاڪ قيام ڪندو ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان ملاقات کانپوءِ وطن …

جده –  12 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود جي دعوت تي سعودي عرب جي سرڪاري دوري تي پهچي ويو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم سعودي عرب ۾ ڪجهه ڪلاڪ قيام ڪندو ۽ سعودي عرب جي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان آل سعود سان ملاقات کانپوءِ وطن واپس روانو ٿي ويندو. جده جي عالمي هوائي اڏي جي رائل ٽرمينل تي مڪه ريجن جي ڊپٽي گورنر پرنس سعود بن مشعل بن عبدالعزيز، رياض ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد فاروق، جده ۾ مقرر پاڪستان جي قونصل جنرل سيد مصطفيٰ رباني ۽ ٻئي سفارتي عملي وزيراعظم جو استقبال ڪيو. وزيراعظم ۽ سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان جي وچ ۾ ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال، علائقائي سلامتي جي صورتحال ۽ ٻطرفي لاڳاپن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿيندي. بيان موجب دوري سان پاڪستان جو سفارتي ميدان ۾ مثبت ڪردار واضح ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان اهو ڪردار ادا ڪندو رهندو.