اوگرا پاران سوئي ڪمپنين جي مارچ 2026ع لاءِ آر ايل اين جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو نوٽيفڪيشن جاري

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي مارچ 2026ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پهرين مارچ 2026ع کان لاڳو هوندو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن گيس پائيپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) صارفين لاءِ آر …

اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي)آئل اينڊ گيس ريگيوليٽري اٿارٽي (اوگرا) وفاقي حڪومت جي پاليسي گائيڊ لائنز موجب سوئي ڪمپنين جي مارچ 2026ع لاءِ ري گيسيفائيڊ ليڪوئڊ نيچرل گيس (آر ايل اين جي) جي قيمتن ۾ ڦيرڦار جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي جيڪو پهرين مارچ 2026ع کان لاڳو هوندو. اوگرا طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سوئي ناردرن گيس پائيپ لائين لميٽيڊ (ايس اين جي پي ايل) صارفين لاءِ آر ايل اين جي قيمت ۾ 13.5516 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي اهي جڏهن ته ايس ايس جي سي ايل صارفين لاءِ آر ايل اين جي قيمت ۾ 12.5354 ڊالر في ايم ايم بي ٽي يو مقرر ڪئي آهي. اوگرا جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان موجب آر ايل اين جي قيمتن ۾ واڌ عالمي مارڪيٽ ۾ درآمدي قيمتون (ڊليوري ايڪس شپ) جي قيمت ۾ واڌ جو سبب آهي.