اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1437.04 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 154421.43 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 157 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 252 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 159 ڪمپنين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1437.04 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 154421.43 پوائنٽس تي بند

مزید خبریں
اسلام آباد-12 مارچ (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ گذريل ڏينهن ڪاروباري هفتي جي پڄاڻي تي ٻاڙائي جو رجحان رهيو، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 1437.04 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 154421.43 پوائنٽس تي بند ٿيو. مجموعي طور تي 568 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏي وٺ ٿي، 157 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 252 جي قيمتن ۾ گهٽتائي ۽ 159 ڪمپنين جي قيمتن ۾ استحڪام رهيو، ڪاروباري سرگرمين دوران 404.25 ملين شيئرز جي ڏي وٺ ٿي جن جي ماليت 24.67 ارب روپيا هئي. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 528.79 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 47322.73 پوائنٽس ۽ اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 1792.09 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 221926.99 پوائنٽس تي بند ٿيو. فيوچر ٽريڊنگ تحت 4.94 ارب روپين جا سودا طئي ٿيا، گذريل ڏينهن حيسڪول جي 38337773 شيئرز، ڪي اليڪٽرڪ جي 38053693 شيئرز ۽ دوست اسٽيل لميٽيڊ جي 25149001 شيئرز جي ڏي وٺ ٿي. شاداب ٽيڪسٽائيل ملز، آءِ سي سي انڊسٽريز ۽ ٽرسٽ مضاربه سرفهرست ايڊوانسر ڪمپنيون رهيون.











