دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگن اکر جاري

اسلام آباد - 12 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر هن ريت جاري ڪيا آهن. رپوٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 20 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 48 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 9 هزار 500 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 14 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 هزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 11  هزار ڪيوسڪ …

اسلام آباد – 12 مارچ (اي پي پي) واپڊا ملڪ جي مختلف دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ جا انگ اکر هن ريت جاري ڪيا آهن. رپوٽ مطابق سنڌو درياهه ۾ تربيلا وٽ پاڻي جي آمد 20 ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 48 ھزار ڪيوسڪ آھي، ڪابل درياهه ۾ نوشهره وٽ پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 9 هزار 500 ڪيوسڪ آھي، خيرآباد پل تي پاڻي جي آمد ۽ ڇوڙ 14 هزار 800 ڪيوسڪ، جهلم درياهه ۾ منگلا وٽ پاڻي جي آمد 18 هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 50 هزار ڪيوسڪ آھي، جڏھن ته چناب درياهه ۾ مراله وٽ پاڻي جي آمد 11  هزار ڪيوسڪ ۽ ڇوڙ 4 هزار 100 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي. آبي ذخيرن جي انگن اکرن مطابق ڊيمن ۾ تربيلا ڊيم جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 1402 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1453.28 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1550 فوٽ ۽ استعمال جوڳي پاڻي جو ذخيرو 1.117 ملين ايڪڙ فوٽ، منگلا ۾ گھٽ ۾ گھٽ آپريٽنگ ليول 1050 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 1149.35 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 1242 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جي ذخيرو 1.677 ملين ايڪڙ فوٽ جڏھن ته چشمه بئراج جو گهٽ ۾ گهٽ آپريٽنگ ليول 638.15 فوٽ، پاڻي جي موجوده سطح 643.70 فوٽ، پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي انتھائي سطح 649 فوٽ ۽ استعمال جوڳو پاڻي جو ذخيرو 0.104 ملين ايڪڙ فوٽ رڪارڊ ڪيو ويو.