سينيئر اداڪار سيد عاصم بخاري لاڏاڻو ڪري ويو

لاهور _12 مارچ (اي پي پي ) پاڪستان جو سينيئر اداڪار سيد عاصم بخاري لاڏاڻو ڪري ويو . وارثن مطابق سيد عاصم بخاري گذريل رات طبعيت وڌيڪ خراب هجڻ بعد ڪومه ۾ هليو ويو هو . ۽ خميس تي هو خالق حقيقي سان مليو. خانداني ذريعن مطابق عاصم بخاري هڪ عرصي کان گڙدن ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هو جڏهن ته هو گذريل 15 ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج …

لاهور _12 مارچ (اي پي پي ) پاڪستان جو سينيئر اداڪار سيد عاصم بخاري لاڏاڻو ڪري ويو . وارثن مطابق سيد عاصم بخاري گذريل رات طبعيت وڌيڪ خراب هجڻ بعد ڪومه ۾ هليو ويو هو . ۽ خميس تي هو خالق حقيقي سان مليو. خانداني ذريعن مطابق عاصم بخاري هڪ عرصي کان گڙدن ۽ دل جي بيماري ۾ مبتلا هو جڏهن ته هو گذريل 15 ڏينهن کان اسپتال ۾ علاج هيٺ هو. سينيئر اداڪار عاصم بخاري پنهنجي ڊگهي فني ڪيريئر دوران ڪيترن ئي ٽي وي ڊرامن، اسٽيج ۽ فلمن ۾ ڪم ڪيو ۽ پنهنجي شاندار اداڪاري سان مداحن جو دل کٽيو. شوبز حلقن ۾ کيس اداڪاري جو استاد به چيو ويندو هو ۽ هن ڪيترن نون اداڪارن جي رهنمائي به ڪئي. مرحوم سيد عاصم بخاري جي جنازي ڪالهه نماز ظهر جي نماز کان پوءِ سندس رهائش گاهه ويجهو بحريه آرچرڊ جي مسجد الرشيد ۾ ادا ڪئي ويئي جنهن بعد کيس ويجهي قبرستان ۾ دفنايو ويو. فنڪار برادري ۽ مداحن طرفان عاصم بخاري جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.