ايران ۾ جاري جنگ کي فوري طورتي روڪڻو پوندو ان کان اڳ جو سمورو وچ اوڀر جنگ جي باهه جي لپيٽ ۾ اچي وڃي: ترڪيه جو صدر

 انقره - 12 مارچ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ايران ۾ جاري جنگ کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي، ان کان اڳ جو سمورو وچ اوڀر جنگ جي باهه جي لپيٽ ۾ اچي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ قانون سازن کي خطاب ڪندي چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان …

 انقره – 12 مارچ (اي پي پي ) ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان چيو آهي ته ايران ۾ جاري جنگ کي فوري طور تي روڪڻ گهرجي، ان کان اڳ جو سمورو وچ اوڀر جنگ جي باهه جي لپيٽ ۾ اچي وڃي. پرڏيهي ميڊيا مطابق هن گذريل ڏينهن پارليامينٽ ۾ قانون سازن کي خطاب ڪندي چيو ته مسئلي جي حل لاءِ سفارتڪاري کي موقعو ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته ان جنگ کي وڌڻ کان پهريان روڪڻ ضروري آهي، نه ته سمورو خطو باهه جي لپيٽ ۾ اچي ويندو. جيڪڏهن سفارتڪاري کي موقعو ڏنو ويندو ته ان مسئلي جو حل ڪڍڻ ممڪن آهي. هن چيو ته موجوده حساس صورتحال کي نظر ۾ رکندي ترڪيه گهڻو محتاط انداز ۾ ڳالهيون ڪري رهيو آهي ۽ اهڙا قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن پنهنجي ملڪ کي چوڌاري ڀڙڪندڙ جنگ جي باهه کان محفوظ رکي سگهجي. ترڪيه ان جنگ جي خاتمي لاءِ سمورين ڌرين سان رابطي ۾ آهي. جنگ شروع ٿيڻ کان پهريان ترڪيه ڌرين وچ ۾ ٽياڪڙي جي آڇ به ڪئي هئي.