پيرس - 12 مارچ (اي پي پي)فرانس چيو آهي ته ايران جي فوجي صلاحيتن کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو پر ختم نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ ۾ ٿيندڙ نقصان تي تبصرو ڪندي چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي ايراني فوج جي جنگي صلاحيت ڪمزور ٿي وئي آهي پر ان جا آمريڪا ۽ اسرائيل تي حملا مڪمل طور تي …
ايران جي فوجي صلاحيتن کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو پر ختم نٿو ڪري سگهجي: فرانس
پيرس – 12 مارچ (اي پي پي)فرانس چيو آهي ته ايران جي فوجي صلاحيتن کي ڪمزور ڪري سگهجي ٿو پر ختم نٿو ڪري سگهجي. پرڏيهي ميڊيا مطابق فرانس جي صدر ايمانويل ميڪرون ايران خلاف آمريڪي ۽ اسرائيلي جنگ ۾ ٿيندڙ نقصان تي تبصرو ڪندي چيو ته بنا ڪنهن شڪ جي ايراني فوج جي جنگي صلاحيت ڪمزور ٿي وئي آهي پر ان جا آمريڪا ۽ اسرائيل تي حملا مڪمل طور تي ختم ناهيون ڪري سگهيا. هن چيو ته ايراني فوج جي بيليسٽڪ ميزائل صلاحيت کي به نقصان پهتو آهي پر ان جو اهو مطلب ناهي ته ايراني فوج جي سموري صلاحيت زيرو ٿي وئي آهي. فرانس جي صدر انهن خيالن جو اظهار ” جي – سيون “ اڳواڻن سان هڪ وڊيو ڪال تي ڪيو.











