رياض-12 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب سميت گڏيل عرب امارات ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي قبضي هيٺ اختيارين پاران رمضان شريف دوران مسجد اقصيٰ جي مسلسل بندش جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل بيان ۾ سعودي عرب، اردن ، گڏيل عرب امارات ، قطر ، انڊونيشيا ، مصر، ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن رمضان شريف جي تقدس جو خيال نه ڪندي مسلمانن کي مسجد الاقصيٰ …
رمضان شريف جي مهيني ۾ مسجد اقصيٰ جي مسلسل بندش تي سعودي عرب ، اسلامي ۽ عرب پرڏيهي وزيرن پاران سخت مذمت
رياض-12 مارچ (اي پي پي)سعودي عرب سميت گڏيل عرب امارات ۽ اسلامي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن اسرائيلي قبضي هيٺ اختيارين پاران رمضان شريف دوران مسجد اقصيٰ جي مسلسل بندش جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب گڏيل بيان ۾ سعودي عرب، اردن ، گڏيل عرب امارات ، قطر ، انڊونيشيا ، مصر، ۽ ترڪيه جي پرڏيهي وزيرن رمضان شريف جي تقدس جو خيال نه ڪندي مسلمانن کي مسجد الاقصيٰ وڃڻ کان روڪيو پيو وڃي. گڏيل بيان ۾ چيو پيو وڃي ته بيت المقدس ۽ قديم شهرن جي عبادت گاهن تائين رسائي تائين سيڪيورٽي پابنديون آهن اهو عالمي قانون ۽ انساني عالمي قانون ، موجوده تاريخي ۽ قانوني حيثيت ۽ عبادتگاهن تائين رسائي جي مڪمل آزادي جي واضح خلاف ورزي آهي. پرڏيهي وزيرن ان غير قانوني بلاجواز قدمن ۽ مسجد الاقصيٰ ۾ اسرائيل جي مسلسل اشتعال انگيز قدمن کي مڪمل طور رد ڪندي ان جي شديد مذمت ڪئي آهي.ياد رهي ته اسرائيل گذريل ڏينهن مسلسل 12هين ڏينهن نمازين کي مسجد اقصيٰ ۾ داخلا ٿيڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.











