اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ايندڙ سالن ۾ ڊجيٽل ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ مقامي سيڙپڪاري کانپوءِ ملڪ ۾ عالمي …
پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي: خرم شهزاد
اسلام آباد-11 مارچ (اي پي پي) ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي حوالي سان اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ملڪ ايندڙ سالن ۾ ڊجيٽل ترقيءَ جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي. ”ايڪس“ تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد ۾ واڌ ٿي رهي آهي ۽ مقامي سيڙپڪاري کانپوءِ ملڪ ۾ عالمي سيڙپڪاريءَ لاءِ به متحرڪ فضا بڻجي وئي آهي، پي آءِ اي جي نجڪاريءَ سان مقامي سيڙپڪارن اڳڀرائي ڪئي ۽ هاڻ عالمي سيڙپڪاري به ملڪ طرفان اچڻ شروع ٿي وئي آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ فائيو جي اسپيڪٽرم جي نيلامي ڪاميابي سان مڪمل ٿي وئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ تقريبن 500 ملين ڊالرن جي سيڙپڪاري حاصل ٿي آهي. اها اڳڀرائي پاڪستان جي تيزيءَ سان بدلجندڙ ڊجيٽل معيشت ۾ عالمي دلچسپي جو واضح اشارو آهي، فائيو جي اسپيڪٽرم نيلامي ۾ زونگ (چائينا موبائل)، يو فون (اتصالات) ۽ جاز (وي آن گروپ) شامل هيون، اها نيلامي ويجهڙ ۾ پاڪستان ۾ ايندڙ نمايان خاص ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن جي شعبن ۾ پرڏيهي سيڙپڪاريءَ جي اشارن مان هڪ سمجهي وڃي پئي، ان اڳڀرائي جي هڪ اهم ڳالهه اها به آهي ته پاڪستان ۾ پهرين کان موجود پرڏيهي سيڙپڪارن به نئين ۽ وڏي مالي وعدن سان گڏ پنهنجي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. خرم شهزاد چيو ته نيلاميءَ ۾ ڪامياب واڪ ڏيندڙن ۾ شامل جاز ايندڙ ٽن سالن دوران پاڪستان ۾ وڌيڪ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو اعلان ڪيو آهي، ان سيڙپڪاريءَ جو مقصد ملڪ ۾ ڊجيٽل انفراسٽرڪچر کي هٿي ڏيڻ ۽ ٽيڪنالاجي جي ماحولياتي نظام کي مضبوط بنائڻ آهي، وڌيڪ هڪ ارب ڊالرن جي سيڙپڪاريءَ جو اعلان ان ڳالهه جو طاقتور اشارو آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاريءَ جي رفتار تيزيءَ سان وڌي رهي آهي ۽ ملڪ ۾ ايندڙ سالن ۾ ڊجيٽل ترقي جي نئين مرحلي ۾ داخل ٿيڻ وڃي رهيو آهي.












