بغداد-11 مارچ (اي پي پي ) عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته هو وچ اوڀر جي جنگ ۾ حملن لاءِ عراق کي لانچ پيڊ طور تي استعمال نه ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته عراق جي فضائي حدن، زميني ۽ سامونڊي حدن …
وچ اوڀر ۾ جنگ جي حملن لاءِ عراق کي لانچ پيڊ طور استعمال نه ڪيو وڃي: عراق جو وزيراعظم
بغداد-11 مارچ (اي پي پي ) عراق جي وزيراعظم محمد شياع السوڊاني آمريڪا تي زور ڀريو آهي ته هو وچ اوڀر جي جنگ ۾ حملن لاءِ عراق کي لانچ پيڊ طور تي استعمال نه ڪري. پرڏيهي ميڊيا موجب هن گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو سان ٽيليفون تي ڳالهيون ڪندي ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڀريو ته عراق جي فضائي حدن، زميني ۽ سامونڊي حدن کي پاڙيسري ملڪن يا خطي کي نشانو بنائڻ واري ڪنهن به فوجي ڪارروائي لاءِ استعمال نه ڪيو وڃي. هن عراق کي جاري تڪرار ۾ آڻڻ جي ڪنهن به ڪوشش سان گڏو گڏ ڪنهن به ڌر پاران ان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي کي رد ڪري ڇڏيو.











