پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۾ نمايان اڳڀرائي، نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ رڪارڊ اضافو

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اثرائتين پاليسين سبب پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ ڪارپوريٽ رجسٽريشن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آچي رهيو آهي. ايس آئي ايف سي اختيارين مطابق سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان مطابق فيبروري دوران 3444 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو مجموعي انگ وڌي 2 لک 87 هزار 49 ٿي ويو …

اسلام آباد-09 مارچ (اي پي پي) اسپيشل انويسٽمينٽ ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي اثرائتين پاليسين سبب پاڪستان ۾ ڪاروباري سرگرمين ۽ ڪارپوريٽ رجسٽريشن ۾ مسلسل اضافو ڏسڻ ۾ آچي رهيو آهي. ايس آئي ايف سي اختيارين مطابق سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان مطابق فيبروري دوران 3444 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ڪيون ويون، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو مجموعي انگ وڌي 2 لک 87 هزار 49 ٿي ويو آهي. نين رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ 82 ڪمپنين ۾ پرڏيهي سيڙپڪار به شامل رهيا، جن ۾ چين ۽ آمريڪا جا سيڙپڪار نمايان آهن. عالمي سيڙپڪارن جو ڌيان خاص طور تي معدنيات، واپار ۽ آءِ ٽي جي شعبن تي رهيو، جيڪو پاڪستان جي قدرتي وسيلن ۽ اڀرندڙ ڊيجيٽل معيشت جي وڌندڙ اهميت کي ظاهر ڪري ٿو. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد مطابق گذريل 15 مهينن دوران بي واءِ ڊي گوگل، سعودي آرمڪو، ۽ ٻين وڏين ڪمپنين سميت 19 عالمي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ اچي چڪيون آهن . ماهرن مطابق نين ڪمپنين جي رجسٽريشن ۾ مسلسل اضافو پاڪستان ۾ بهتر ٿيندڙ ڪاروباري ماحول ۽ سيڙپڪارن جي وڌندڙ اعتماد جي واضح علامت آهي جڏهن ته ايس آءِ ايف سي جي اثرائتي سهولتڪاري ملڪ ۾ پائيدار معاشي ترقي ۽ ڪاروباري موقعن کي هٿي ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي .

مزید خبریں