سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان سان ڪويت جي ولي عهد ۽ فلسطين جي صدر جو رابطو

رياض -07  مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ صباح خالد الحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻه طرفه ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ڪويت جي ولي عهد خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ نار تعاون ڪائونسل ملڪن وچ ۾ گڏيل رابطي کي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي  زور ڀريو. ٻئي پاسي …

رياض -07  مارچ (اي پي پي) سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان ڪويت جي ولي عهد شهزاده شيخ صباح خالد الحمد الصباح ٽيليفون تي رابطو ڪيو. پرڏيهي ميڊيا موجب ٻه طرفه ٽيليفونڪ ڳالهين ۾ ڪويت جي ولي عهد خطي جي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ نار تعاون ڪائونسل ملڪن وچ ۾ گڏيل رابطي کي وڌائڻ لاءِ جاري ڪوششن تي  زور ڀريو. ٻئي پاسي فلسطين جي صدر محمود عباس به سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود  کي ٽيليفون ڪيو ۽ ايران تي حملن جي حوالي سان ڀرپور يڪجهتي جو ورجاءُ ڪندي مملڪت پاران پنهنجي ڌرتي جي تحفظ لاءِ کنيل قدمن جي حمايت ڪئي.