اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 4 سئو روپين جي لاٿ سان في تولو سون 5 لک 33 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 4 سئو روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 33 هزار 7 سئو 62 روپين جو …
ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 4 سئو روپين جي لاٿ رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي قيمت ۾ 3 هزار 4 سئو روپين جي لاٿ سان في تولو سون 5 لک 33 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب جمعي ڏينهن سون جي في تولو قيمت ۾ 3 هزار 4 سئو روپين جي لاٿ کانپوءِ في تولو سون 5 لک 33 هزار 7 سئو 62 روپين جو ٿي ويو آهي. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 2915 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 60 هزار 5 سئو 29 روپين کان گهٽجي 4 لک 57 هزار 614 روپيا ٿي وئي جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 4 لک 22 هزار 166 روپين کان گهٽجي 4 لک 19 هزار 494 روپيا ٿي وئي. آل سنڌ صرافه جيولرز ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو ته في تولو چاندي جي قيمت 104 روپين جي اضافي کانپوءِ 8 هزار 914 روپيا ۽ 10 گرام چاندي جي قيمت 89 روپين جي اضافي کانپوءِ 7 هزار 642 روپيا ٿي وئي. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جي قيمت 5،144 ڊالر کان گهٽجي 5،110 ڊالر ٿي وئي.











