اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سال 2026ع لاءِ آپريشنل تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت اڏامن جي شيڊول جو اعلان 15 مارچ 2026ع تائين متوقع آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي خصوصي هدايت تي حاجين جي سهولت ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي تيز ڪيو ويوآهي. هلندڙ سال مجموعي طور تي هڪ لک 80 هزار پاڪستاني …
حج آپريشن فلائيٽ شيڊول جو اعلان 15 مارچ تي ٿيندو، هڪ لک 80 هزار حاجين جي تياري حتمي مرحلي ۾ داخل، پهريون ڀيرو حاجين جي 870 خادمن جي جديد طريقي سان تربيت مڪمل

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) مذهبي معاملن واري وزارت سال 2026ع لاءِ آپريشنل تيارين کي حتمي شڪل ڏئي ڇڏي آهي، جنهن تحت اڏامن جي شيڊول جو اعلان 15 مارچ 2026ع تائين متوقع آهي. مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف جي خصوصي هدايت تي حاجين جي سهولت ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورن انتظامن کي تيز ڪيو ويوآهي. هلندڙ سال مجموعي طور تي هڪ لک 80 هزار پاڪستاني حج جو فرض ادا ڪندا جنهن ۾ سرڪاري حج اسڪيم تحت هڪ لک 20 هزار حاجي ۽ پرائيوٽ حج اسڪيم تحت 60 هزار حاجي شامل آهن. مذهبي معاملن واري وزارت سرڪاري اسڪيم تحت ويندڙ هڪ لک 20 هزار حاجي حج جي تربيت جو پهريون مرحلو ڪاميابي سان مڪمل ڪري ورتو آهي. ان گڏيل تربيتي پروگرام ۾ حاجين کي پاڪستان کان روانگي، مناسڪ حج جي ادائيگي ۽ واپسي تائين سمورن مرحلن جي عملي تربيت فراهم ڪئي وئي ته جيئن هو حج جي ادائيگي دوران ڪنهن به مشڪلات جو شڪار نه ٿين. مذهبي معاملن واري وزارت طرفان برابري واري عمل ذريعي ڪامياب ٿيندڙ حاجين جي 870 خادمن کي جديد گهرجن مطابق تربيت ڏني وئي آهي. انهن حاجين کي انساني حياتي بچائڻ، ميڙ تي ضابطو آڻڻ ۽ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي خصوصي تربيت فراهم ڪئي وئي آهي. حج آپريشن شروع ٿيڻ کان هڪ هفتو اڳ انهن سمورن خادمن کي هڪ ” اسپيشلائيزڊ ٽريننگ “ به ڏني ويندي . ان قدم جو بنيادي مقصد حاجين جي خادمن کي پاڪستان کان ئي مڪمل طور تي تيار ڪري سعودي عرب موڪلڻ آهي ته جيئن هو اتي پهچندي ئي بنا ڪنهن دير جي حاجين جي خدمت جي شروعات ڪري سگهن. ياد رهي ته وزارت حاجين جي رهنمائي ۽ شڪايت لاءِ اڳ ئي گريوينس سيل ۽ هيلپ لائن نمبر 051-9205696 فعال ڪري ڇڏيو آهي، جتان حج 2026ع بابت سموري معلومات حاصل ڪري سگهجي ٿي .مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته هلندڙ سال جو حج آپريشن ماضي جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ منظم ۽ ڊجيٽل سهولت وارو آهي جنهن جي نگراني پاڻ وفاقي وزير ڪري رهيو آهي.











