راڻا احسان افضل خان جي مصر جي سفير سان ملاقات، ٻطرفن واپاري لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان پاڪستان ۾ مقرر مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڌرين تازي علائقائي اڳڀرائي جي نتيجي ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، مستحڪم ۽ لچڪدار واپاري …

اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) واپار بابت وزيراعظم جي خاص مددگار راڻا احسان افضل خان سان پاڪستان ۾ مقرر مصر جي سفير ڊاڪٽر ايهاب محمد عبدالحميد حسن ملاقات ڪئي. گذريل ڏينهن ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻطرفي واپار ۽ اقتصادي تعاون کي وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. ملاقات دوران ڌرين تازي علائقائي اڳڀرائي جي نتيجي ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو، مستحڪم ۽ لچڪدار واپاري لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي اهميت تي زور ڀريو. ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي ڪيترن ئي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي جنهن م ٻنهي ڌرين ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڪاروباري سهولتن کي بهتر بڻائڻ تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڳالهين ۾ پاڪستان ۽ مصر وچ ۾ گڏيل بزنس ڪائونسل کي بحال ڪرڻ جي ضرورت تي روشني وڌي وئي. ڌرين ان پليٽ فارم کي فعال ڪرڻ جي فوري ضرورت تي اتفاق ڪيو ته جيئن ڪاروباري برادرين وچ ۾ باقاعده ڳالهين جي سهولت فراهم ڪري سگهجي ۽ گڏيل منصوبن ۽ سيڙپڪاري جي موقعن کي هٿي ڏئي سگهجي. خاص مددگار پاڪستاني واپارين لاءِ ويزا نظام ۾ درپيش چئلينجز تي روشني وڌي. هن چيو ته واپارين لاءِ اي ويزا جي سهولت جي عدم موجودگي بار بار ڪاروباري سفر ۽ واپاري معاملن ۾ رڪاوٽ آهي. هن ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار کي آسان بڻائڻ لاءِ ويزا جي طريقيڪار کي هموار ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڀريو. ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت بابت معاملن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ ڪاروباري سهولت کي بهتر بڻائڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي سيڙپڪارن ۽ واپاري حصيدارن لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ تي حڪومت جي ڌيان جو ورجاءُ به ڪيو ويو. مصر ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

مزید خبریں