اسلام آباد -06 مارچ (اي پي پي) نار وارن ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام برقرار آهي ۽ ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد به قائم آهي . ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته بدلجندڙ عالمي صورتحال باوجود حڪومت ۽ خصوصي سيڙپڪارن جي سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جا ٺوس قدم معيشت کي درست رستي طرف …
نار وارن ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام برقرار

مزید خبریں
اسلام آباد -06 مارچ (اي پي پي) نار وارن ملڪن ۽ وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ باوجود پاڪستان جي معيشت ۾ استحڪام برقرار آهي ۽ ملڪي سيڙپڪارن جو اعتماد به قائم آهي . ايس آءِ ايف سي جي اختيارين مطابق معاشي ماهرن جو چوڻ آهي ته بدلجندڙ عالمي صورتحال باوجود حڪومت ۽ خصوصي سيڙپڪارن جي سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي ) جا ٺوس قدم معيشت کي درست رستي طرف وٺي وڃي رهيا آهن. معاشي ماهر ۽ توله ايسو سي ايٽس جي صدر اشفاق توله مطابق نار وارن ملڪن ۾ ڇڪتاڻ سبب عالمي مارڪيٽ ۾ غير يقيني جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي جنهن سان پاڪستان سميت ڪيترن ملڪن کي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي . هن چيو ته انهن چئلينجز باوجود پاڪستان ۾ معاشي سرگرمين ۾ بهتري جا اثر نمايان آهن ۽ لارج اسڪيل مينيو فيڪچرنگ سميت (ايف بي آر ) جي ٽيڪس جي انگن اکرن ۾ به بهتر اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي . اشفاق توله مطابق ايس بي پي وٽ اٽڪل 16 ارب ڊالرن جي مٽاسٽا واري ناڻي جا ذخيرا موجود آهن. جيڪي ملڪ جي معاشي پوزيشن کي مستحڪم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان وٽ پيٽروليم مصنوعات جا به تسلي بخش ذخيرا موجود آهن. جنهن سان توانائي جي ضرورت پوري ڪرڻ ۾ مدد ملي رهي آهي. سندس مطابق آمدني واپار ۾ گهٽتائي ۽ اٽڪل 5.25 سيڪڙو جي مستحڪم اوسر واري شرح ملڪي معيشت طرف وڌي رهي آهي. اشفاق توله چيو ته روانگي واپار تي ٻڌل سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري حاصل ڪرڻ ۾ (ايس آءِ ايف سي ) جو ڪردار انتهائي اهم آهي ، جيڪو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿي رهيو آهي.











