ملڪ ۾ فيبروري دوران 3444 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون، مجموعي انگ 2 لک 87 هزار 49 ٿي ويو: ايس اي سي پي

اسلام آباد-06 مارچ(اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ فيبروري ۾ 3444 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جنهن سان ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو مجموعي انگ  2 لک 87 هزار 49 ٿي ويو. گذريل ڏينهن ايس اي سي پي پاران جاري بيان موجب تازو نين رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ 59 سيڪڙو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيون، 38 سيڪڙو سنگل ميمبر ڪمپنيون(ايس ايم سيز) ۽ 3 سيڪڙو …

اسلام آباد-06 مارچ(اي پي پي) سيڪيورٽيز اينڊ ايڪسچينج ڪميشن آف پاڪستان (ايس اي سي پي) ۾ فيبروري ۾ 3444 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون جنهن سان ملڪ ۾ رجسٽرڊ ڪمپنين جو مجموعي انگ  2 لک 87 هزار 49 ٿي ويو. گذريل ڏينهن ايس اي سي پي پاران جاري بيان موجب تازو نين رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ 59 سيڪڙو پرائيويٽ لميٽيڊ ڪمپنيون، 38 سيڪڙو سنگل ميمبر ڪمپنيون(ايس ايم سيز) ۽ 3 سيڪڙو پبلڪ ان لسٽڊ ڪمپنيون، غير منافع بخش تنظيمون، لميٽيڊ لائبلٽي پارٽنرشپس ۽ پرڏيهي ڪمپنيون شامل هيون. فيبروري ۾ رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ پرڏيهي سيڙپڪارن جي شرڪت مستحڪم رهي. هن مهيني 82 نئين رجسٽرڊ ٿيل ڪمپنين ۾ پرڏيهين شيئرز حاصل ڪيا، انهن ۾ چين سان تعلق رکندڙ ماڻهن 44 ڪمپنين ۾ حصيداري ڪئي، آمريڪا مان 7 ڪمپنين ۾ سيڙپڪاري ٿي، جرمني جي سيڙپڪارن ٽن ڪمپنين جا شيئرز حاصل ڪيا، جڏهن ته مصر، برطانيه، آسٽريليا، افغانستان، يمن ۽ انڊونيشيا مان ٻن ٻن ڪپمنين ۾ سيڙپڪاري ڪئي وئي.آذربائيجان، نائيجيريا، اردن، ڪينيڊا، سوئيڊن، ڊينمارڪ، فلپائن، ترڪيه، پرتگال ۽ بيلجئيم سان تعلق رکندڙ ماڻهن به پاڪستاني ڪمپنين ۾ شيئرز حاصل ڪيا. پرڏيهي سيڙپڪارن جي دلچسپي مائننگ، ٽريڊنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ ڏٺي وئي. ريجن جي حساب سان پنجاب ۾ 1696 نيون ڪمپنيون رجسٽرڊ، اسلام آباد ۾ 656، سنڌ ۾ 555، خيبرپختونخوا ۾ 317، گلگت بلتستان ۾ 174 ۽ بلوچستان ۾ 46 ڪمپنيون رجسٽرڊ ٿيون.

مزید خبریں