اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن ۾ هلندڙ مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ مال برداري جي خرچن جو ڳاڻيٽو 501.70 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو …
ملڪي روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن ۾ هلندڙ مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي، آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن ۾ اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد-06 مارچ (اي پي پي) ملڪي روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن ۾ هلندڙ مالي سال دوران ساليانو بنيادن تي گهٽتائي جڏهن ته آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن ۾ اضافو رڪارڊ ٿيو آهي. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري ڪيل انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ ملڪي روانگي واپار ۾ مال برداري جي خرچن جو ڳاڻيٽو 501.70 ملين ڊالرز رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي ڀيٽ ۾ 12.58 سيڪڙو گهٽ آهي، گذريل مالي سال جي ان مدي ۾ ملڪي روانگي واپار تي مال برداري جو مجموعي خرچ جو ڳاڻيٽو 564.90 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو. جنوري ۾ روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن جو ڳاڻيٽو 61.26 ملين ڊالر رهيو جيڪو ڊسمبر ۾ به 61.26 ملين ڊالر ۽ گذريل سال جنوري ۾ 58.55 ملين ڊالر هو. مالي سال 2025ع ۾ روانگي واپار تي مال برداري جي خرچن جو ڳاڻيٽو 856.58 ملين ڊالر رڪارڊ ڪيوويو هو. انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال جي پهرين 7 مهينن ۾ ملڪي آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن جو مجموعي ڳاڻيٽو 1.120 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي انهي مدي جي ڀيٽ ۾ 7.03 سيڪڙو وڌيڪ آهي.گذريل مالي سال جي انهي مدي ۾ آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي خرچن جو ڳاڻيٽو 1.047 ارب ڊالر رڪارڊ ڪيو ويو هو، جنوري ۾ آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس تي 167.62 ملين ڊالرن جا خرچ آيا جيڪي ڊسمبر ۾ 171.89 ملين ڊالر ۽ گذريل سال جنوري ۾ 155.83 ملين ڊالر هو. مالي سال 2025ع ۾ آمدني واپار تي مال برداري ۽ انشورنس جي ڏس ۾ 1.807 ارب ڊالرن جو پرڏيهي ناڻو خرچ ٿيو هو.











