اسلام آباد- 6 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي آذربائيجان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي بحالي جي ضرورت تي زور ڏيندي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد …
وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي آذربائيجان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو

مزید خبریں
اسلام آباد- 6 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جمهوريه آذربائيجان جي صدر الهام عليوف کي آذربائيجان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت جو يقين ڏياريو آهي، جڏهن ته ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي ۽ امن جي بحالي جي ضرورت تي زور ڏيندي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو آهي. جمعي ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جمهوريه آذربائيجان جي صدر ٽيليفون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ڳالهه ٻولهه دوران، وزيراعظم آذربائيجان جي شهر ناخچيوان تي ڊرون حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي، جنهن ۾ معصوم شهرين کي نشانو بڻايو ويو. هن آذربائيجان جي قيادت کي يقين ڏياريو ته پاڪستان هن ڏکئي وقت ۾ آذربائيجان جي ڀائر عوام سان مڪمل يڪجهتي ۽ حمايت ۾ بيٺو آهي. وزيراعظم صدر الهام عليوف کي ايران ۽ نار ۾ جاري بحران جي حوالي سان پاڪستان جي سفارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. صدر الهام عليوف وزيراعظم جا ٽيليفون رابطي تي ٿورا مڃيا ۽ هن مُشڪل وقت ۾ پاڪستاني عوام جي يڪجهتي ۽ حمايت جي جذبي جي واکاڻ ڪئي. ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي بحالي جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو.











