اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ اڄ آذربائيجان کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان ۽ ان جي عوام سان …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

مزید خبریں
اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان جي پرڏيهي وزير جيهون بيراموف سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ اڄ آذربائيجان کي نشانو بڻائيندڙ ڊرون حملن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار آذربائيجان ۽ ان جي عوام سان پاڪستان جي مڪمل يڪجهتي جو ورجاءُ ڪيو. هن ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي جي ضرورت تي زور ڏيندي علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ مڪالمي ۽ سفارتڪاري جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ٻنهي اڳواڻن خطي جي بدلجندڙ صورتحال جي حوالي سان ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي پڻ اتفاق ڪيو.











